
پئبلو نرودا
پئبلو نرودا (Pablo Neruda): هڪ شاعر، ليکڪ، استاد، سماج وادي ۽ سياستدان، سفير ۽ انقلابيءَ جي حيثيت رکندڙ جڳ مشھور انسان، پئبلو نرودا جي شاعري ٽين دنيا، سوشلسٽ دنيا ۽ اتان جي انقلابي تحريڪن کي بيحد متاثر ڪيو. اسپيني ٻوليءَ جي هن شاعر ’پئبلو نرودا‘ جو اصلوڪو نالو ’نيفلالي رڪارڊو ريز بوسوالتو‘ (Naflali Ricardo Reyes Bosoalta) هو، هن چيڪو سلواڪيه جي هڪ شاعر ’جان نرودا‘ (John Neruda) کان متاثر ٿي پنهنجو نالو ’پئبلو نرودا‘ رکيو، سندس جنم 12 جولاءِ 1904ع تي هڪ ڳوٺ پرال (Parral) ۾ ٿيو. هُو شاعريءَ ۾ آمريڪا جي ”نئين شاعريءَ“ جي اڏيندڙ والٽ وٽمين (Walt Whitman) کان متاثر ٿيو، جيڪو اوڻهين صديءَ جي آمريڪا جو وڏو عوامي شاعر هو. جنهن جو مشھور نظم 'I Hear America Singing' [آءٌ آمريڪا کي ڳائيندي ٻڌان پيو.] آهي.
هن تيرهن سالن جي عمر ۾ هڪ رسالي ’لامانانا‘ (La-Manana) ۾ هڪ مضمون ’اينلئسينسو وائي پرسرينيا‘ (Enlusiasno Y Perserrania) لکيو، سندس پهريون نظم 1920ع ۾ ’سئلو اسٽرال‘ (Selvaaustral) ۾ ڇپيو، سال 1923ع ۾ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’سرپسڪلرڊو‘ (Crepusculardo) ڇپجي پڌرو ٿيو. هو پنھنجي ٻولي اسپينيءَ کانسواءِ فرينچ ٻوليءَ جو بہ وڏو اسڪالر هو، هن ’سنتياگو يونيورسٽيءَ‘ ۾ گهڻو وقت پڙهايو، ننڍي وهيءَ ۾ ايڏو مشھور ٿيو، جو 1927ع کان وٺي برما، سريلنڪا، جاوا، سينگاپور، بيونس آئرس، بارسلونا ۽ ميڊرڊ ۾ چلي حڪومت پاران اعزازي سفير رهيو.
گارشيا لورڪا (Garcia Lorka) جي قتل هن جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. پوءِ هو جمهوري تحريڪ (Republic Movement) ۾ شامل ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب ’ايسپنا ان ال ڪروزنا‘ (Espna En El Corzona) 1937ع ۾ ڇپيو ۽ ’اسپيني خانہ جنگيءَ‘ واري عرصي ۾ سندس ڪتاب جو تمام گهڻو وڪرو ٿيو. هن پنھنجي شاعريءَ کي پنھنجي ملڪ ’چليءَ‘ (Chile) جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مسئلن جي حل لاءِ استعمال ڪيو. سال 1939ع ۾ پيرس ۾ ڪائونسلر مقرر ٿيو، ۽ ترت پوءِ هُو ميڪسيڪو ۾ ڪائونسلر جنرل مقرر ڪيو ويو. اتي هن پنھنجي مشھور نظم ’ڪائنٽو جنرل دي چلي‘ (Canto General The Chile) کي ٻيهر لکيو ۽ ان کي هڪ ڊگهي ’وير ڪٿائي نظم‘ (Epic Poem) ۾ تبديل ڪيو، نرودا پنھنجي هن نظم ۾ سموري ڏکڻ آمريڪا جي ماڻهن جي تاريخ، رهڻي ڪهڻي ۽ آئيندي کي اوتي ڇڏيو. جيڪو ڪتابي صورت ۾ 1950ع ۾ ميڪسيڪو ۾ ڇپيو ۽ چليءَ ۾ ڳجهي نموني سان ورهايو ويو. هن ڪتاب ۾ ڪل 250 نظم هئا ۽ ڪتاب 15 ڀاڱن ۾ ورڇيل هو، هي ڪتاب ڏهن ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. سال 1945ع ۾ هو چليءَ واپس آيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ پاران سينيٽر چونڊيو ويو، 1947ع ۾ هو صدر گونزاليز ويڊيلس (Gonzalez Videlas) جي ڏمر جو شڪار ٿيو ۽ زير زمين (Under Ground) هليو ويو. ان عرصي دوران هو پنھنجي ملڪ کانسواءِ پاڙيسري ملڪن ۾ بہ ڳجهي نموني سان وڃي رهيو، جتي هن جا تمام گهڻا چاهيندڙ هئا. 1952ع ۾ هو جلاوطني ختم ڪري واپس وطن آيو، روپوشيءَ دوران هن 459 صفحن تي ٻڌل هڪ ڊائري لکي، جيڪا ’لاس يئس وائي وِنٽو‘ (Las Uvs Y El Vinto) نالي سان ڪتابي شڪل ۾ 1951ع ۾ ڇپجي نروار ٿي. ٻئي پاسي هن جي شاعريءَ جو ڪتاب وڌندو ۽ جامع ٿيندو رهيو ۽ 1925ع کان 1962ع تائين ۽ پوءِ 1968ع ۾ 3237 صفحن تي ٻڌل سندس هڪ ڪتاب ’اوبراس ڪمپليتس‘ (Obras Completes) ٻن جلدن ۾ ڇپجي نروار ٿيو.
ان کان پهرين 1939ع ۾ سندس نظمن جو ڪتاب ’سن سانتوز دي امور‘ (Cin Sontos De Amor) سندس ٽين زال ميتيلد يوروشيا (Matild Urrutia) جي نالي ارپنا سان ڇپيو. سندس پهرين شادي 1930ع ۾ ’جاوا‘ ۾ هڪ ڊچ عـورت سـان ٿـي، جيـڪـا بئنـڪ آفيسـريـاڻي هئي، جنهن جو نالو ’مئريڪا‘
(Maryka) هو. 1936ع ۾ ٻنهي ۾ طلاق ٿي. ان وقت کين هڪ ڌيءُ مالووا ميرينا (Malva Marina) هئي، جيڪا پوءِ ماءُ سان گڏ نيدرلينڊ هلي وئي ۽ اتي 1943ع ۾ 11 سالـن جـي عمـر ۾ گـذاري وئـي. هـو پوءِ هـڪ ٻي عـورت ڊيليا ڊل ڪيسل (Delia del cassil) سان رهڻ لڳو ۽ 1966ع ۾ ان کي بہ طلاق ڏئي ٽين شادي ڪيائين. هن جو سمورو شاعراڻو پورهيو ۽ زندگيءَ جو احوال پنجن جلدن ۾ ’ميموريل دي اسلا نيگرا‘ (Memorial De Isla Negra) جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. ترقي پسندن ۽ کاٻي ڌر وارن پاران 1970ع ۾ کيس چليءَ جي صدر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو، پر هُو ’الئنڊي‘ جي حق ۾ دستبردار ٿيو. 1971ع ۾ کيس نوبل انعام مليو ۽ ان ڪميٽيءَ جي ميمبرن اعتراض ڪيو تہ هن اسٽالن جي دور ۾ روس ۾ آمراڻي طرز حڪومت جي حمايت ڪئي هئي، پر سوئڊش ٻوليءَ جي مترجم آرٿر لنڊڪوسٽ (Artur Lundkrist) سندس حمايت ڪئي. الئنڊي حڪومت پاران چونڊون کٽڻ کانپوءِ کيس فرانس جو سفير مقرر ڪيو ويو. جتي هو ’ڪينسر‘ (Prostate Cancer) جي بيماريءَ سبب سفير جو عهدو ڇڏي ملڪ واپس وريو، 17 سيپٽمبر 1973ع تي جنرل پنوشيءَ جي فوجي راتاهي سبب هو سخت مايوس ٿيو، الئنڊي جي موت ۽ سندس گهر تي فوجي ڪاھہ مھل هن وڏي بيباڪيءَ سان وراڻيو: ”توهان چؤڌاري نظر ڦيرايو، توهان لاءِ هڪ ئي شيءِ خطري واري آهي، سا آهي (منهنجي) شاعري!“ ان ملٽري ڪُو کان ٺيڪ پنجن ڏينهن کان پوءِ هُو 23 سيپٽمبر 1973ع تي سنتياگو ماريا ڪلينڪ ۾ گذاري ويو. هن جون آخري رسمون پوليس جي پهري هيٺ ٿيون. هن جي جنازي کڄڻ وقت ڪانڌين پنوشيءَ جي فوجي راڄ خلاف سخت احتجاج ڪيو، مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن هڪ نظم سچو ڪامريڊ (Right Comrade) لکيو. پئبلو نرودا، لينن کي صديءَ جو اڪابر (Genius) انسان قرار ڏيندو هو، پر هو لينن وانگر ويهين صديءَ جي لاطيني آمريڪا جو عظيم شاعر ۽ هيرو هو. هن جي زال ميتلد يوروشيا، سال 1986ع ۾ پئبلو نرودا جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ’پئبلو نرودا سان منهنجو جيون‘ (My Life with Pablo Naruda) ڇپرائي پڌرو ڪيو.