پئنٿيان (Pantheon): حقيقت ۾ هن نالي سان تعمير ٿين اڏاوتن جون بنيادي مقصد هڪ مندر جو هو. هي لفظ يوناني ۽ پوءِ لاطيني کان ٿيندو آيو آهي. هن جي جوڙا Pan + Thuos آهي. جنهن جي معنيٰ To Every God آهي. پوءِ هن جي استعمال ۾ تبديلي آئي. ايتري قدر جو اهو هڪ خانگي عمارت طور بہ ڪم اچڻ لڳو. اهو نامور ماڻهن جي مرحبا يا وري دفنائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. اهڙي ريت ان جي هڪ مرڪزي عمارت واري حيثيت بہ ختم ٿي وئي. مختلف جاين تي ۽ مختلف وقتن تي Pantheons ٺهيا. يوناني ٻوليءَ ۾ مندر (Temple) لاءِ لفظ hieron آهي.
هن عمارت جو مکيہ حصو گول پٽ- رٿا سان هو ۽ انجي اڳيان ستوندار ڏيڍي (Portico) ۾ ٻہ يا ٽي قطارون گرينائيٽ پٿر جي ڪورنٿي سرستون سان پيلپاين جون هيون، جن جي مٿان سنتوري (Pediment) هو. هن ڏيڍي يا پيش دالان مان مندر جي مکيہ گهردوساري (Rotundate) حصي ۾ داخل ٿيو آهي. جنهن جي مٿان گول ۽ بناروسندانن جي گنبذ هوندو آهي. ڪڏهن هي دنيا جو سڀ کان وڏي گهري وارو گنبذ هو. هن جي گنبذ جي اندرين اوچائي ۽ گردوسار جو اندريون قطر (Diametre) هڪ جيترا هئا. يعني اٽڪل 142 فوٽ (43.3 ميٽر) هي لڳاتار استعمال ۾ رهيو آهي. 7 صدي عيسوي کان وٺي هن کي رومن ڪيٿولڪ ڪليسا طور استعمال ڪيو ويو آهي، جو انتساب ٿيل آهي St. Mary ۽ شھيدن کي پر هن کي رسمي طور "Santa Maria Rolunda" سڏيو وڃي ٿو. هي 27 ق. م ۾ ماريٽس ڪئمپس (Maritus Campus) ۾ روم جي ٻاهرين ڪناري تي مارڪس ايگريپا (Marcus Agruppa) ٺهرايو.پوءِ Augustus جي دؤر ۾ ويهن کان بہ وڌيڪ ٻيون اڏاوتون شامل ڪيون ويون. تنهن کان پوءِ تہ ان ۾ تبديليون بہ ڪيون ويون. کوٽاين مان ظاهر ٿيو تہ ايگريپا واري مندر جي مهاڙي ڏکڻ پاسي هئي، پر پوءِ واري عمارت جي مهاڙي تر پاسي هئي. پوءِ پئنٿيان جي عمارت 80ع ۽ 110ع ۾ باھہ لڳڻ سبب سڙي وئي. موجودہ عمارت دمشق جي ٽراجن مهندس، اپالو ڊورس جي تخليق آهي.