پئي ٻيلو

پئي ٻيلو

پئي ٻيلو

پئي ٻيلو (Pai Forest): هونئن تہ سنڌو درياھہ جي ٻنهي پاسي ڪيترائي ٻيلا آهن، پر سڪرنڊ (ضلعي بينظيرآباد) جو ”پئي ٻيلو“ پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. روايت آهي تہ پئي ٻيلو ٽالپرن جي زماني ۾ شڪارگاھہ طور رک بنايو ويو هو. هتي وڻن جي واڍي ۽ عام شڪار جي بندش هئي، اها بہ روايت آهي تہ هي ٻيلو ميرن کان اڳ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ بہ موجود هو.
لفظ ”پئي“ معنيٰ اهڙي زمين، جنهن کي ٻن پاسن کان پاڻي لڳي يا ٻن ڪڙين جي وچ واري زمين. ان پئي لفظ مان ظاهر آهي تہ ڪنهن وقت درياھہ جي ٻن ڍورن جي وچ ۾ ٻيٽ هو، جنهن تي قدرتي درياهي ٻيلو نروار ٿيو. انگريزن جي دور ۾ سنڌو درياھہ تي 35-1931ع دوران جديد آبپاشي نظام رائج ٿيو تہ سنڌو درياھہ کي بچاءَ بندن ۾ قيد ڪيو ويو. ان ڪري ماحولياتي تبديليون اڻٽر ٿيون. ان دوران ”پئي ٻيلي“ کي درياهي ڪچي مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ آبپاشي نظام ذريعي آباد رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن ٻيلي لاءِ روهڙي ڪئنال جي راهب شاھہ شاخ ذريعي پاڻي منظور ڪيو ويو، پاڻيءَ جو ٻيو سبب ڪيترائي ٽيوب ويل آهن، جيڪي ٻيلي کي پاڻي پهچائين ٿا.
محل وقوع: پئي ٻيلو سڪرنڊ شھر کان ڏکڻ اولھہ ۾ پنجن ڪلوميٽرن تي سڪرنڊ باءِ پاس سان لڳو لڳ آهي. ٻيلي جي اولھہ ۾ سنڌو درياھہ آهي، بند جي هن پار سَن شھر آهي. پئي ٻيلي ڏانهن ٻيو رستو مجيد ڪيرئي ڳوٺ کان بہ وڃي ٿو. پئي ٻيلي جي اولھہ پاسي ديھہ ماروي، ڏکڻ طرف ديھہ تلي ۽ موريو لاکو، اتر ۽ اوڀر ۾ ديھہ سڪرنڊ آهن. هينئر ٻيلي جو اڳوڻو اوج نہ رهيو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غير قانوني وڻن جي واڍيءَ هن سھڻي شڪارگاھہ جو حُسن برباد ڪري ڇڏيو آهي.
ايراضي ۽ آبادي: پئي ٻيلو 1883ع کان باقاعدي لک هيٺ آهي، ان وقت هن جي ايراضي 5901 ايڪڙ هئي. ايوب خان جي دور ۾ 1015 ايڪڙ زمين زرعي کاتي کي ڏني وئي. 1995ع ۾ ان مان 140 ايڪڙ فوج کي ڇانوڻي ٺاهڻ لاءِ ڏني وئي، هن وقت اها زمين آباد آهي ۽ مقاطعي تي ڏنل آهي. هينئر ٻيلي کاتي وٽ باقي 4646 ايڪڙ زمين باقي آهي. اهڙيءَ ريت هتي نباتات ۾ ٻٻر، بيد مشڪ، ٻير، ديوي، کٻڙ، ڪنڊي، لئي، ڪرڙ ۽ ٽالهيءَ جا وڻ آهن. پئي ٻيلي ۾ سراسري طور 338 ايڪڙ ٻٻر، 107 ايڪڙ بيد مشڪ، 1045 ايڪڙ ڪنڊي ۽ 12 ايڪڙن تي شيشم جا وڻ آهن. ٻين بہ ڪيترن قسمن جا وڻ ٻوٽا ۽ گاھہ موجود آهن.
جانور ۽ پکي: جيئن تہ پئي ٻيلو شڪار گاھہ آهي. هتي ايوب خان جو بنگلو ٺهرايل بہ آهي. هتي موجود شڪار گاھہ ۾ هرڻ ۽ ڦاڙها آهن. جڏهن تہ هتي ٻين جهنگلي جانورن ۾ سوئر، گدڙ، نور، سيڙھہ، جهنگلي ٻلا وغيرہ ۽ پکين ۾ ڪارو تتر، اڇو تتر، ڳيرو، طوطو، هيڙهو، باز، بلبل، چڪور، ڪانءُ، ڪٻرون ٻيا موجود آهن.


لفظ پئي ٻيلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو