پاتال

پاتارُ/ پاتال: کوھہ، درياھہ يا سمنڊ جي اونهي تر کي پاتار چيو وڃي ٿو. مثال طور چوندا آهن تہ: ”درياھہ پاتارئون تار آهي“ يعني تر کان وٺي ڪنارن تائين تار پيو وهي. ٻيو مثال: ”کوھہ پاتاريو آهي“، يعني کوھہ ايترو هيٺ اونهو آهي، جو ان ۾ پاڻي نارن مان پيو اچي. کوھہ جو پاتار ويھہ فوٽ بہ ٿئي، سؤ فوٽ بہ ٿئي، تہ ٻہ سؤ فوٽ بہ ٿئي. شاھہ جي بيت جي هڪ سٽ آهي تہ: ”پيو جو پاتار، سو ڪيئن پسڻ کان پالهو رهي“ . عام طرح زمين جا ست طبق چيا وڃن ٿا ۽ سڀ کان هيٺئين تر کي پاتار يا پاتال چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو