
پاتال ۾ بغاوت
پاتال ۾ بغاوت (ڪتاب ):پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپيل هيءُ ننڍو ناوليٽ، سنڌي زبان جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار منير احمد ميمڻ ”ماڻڪ“ جو لکيل آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1977ع ۾ آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. 80 صفحن تي مشتمل هن ناوليٽ جي قيمت 4 رپيا آهي. هي ناول سسيفس جي ڏند ڪٿائي قصي تي آڌاريل آهي.