پاتل: هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ڪي ماڻهو ۽ خاص ڪري بنگال جا رهاڪو ڪنهن وڏيءَ دعوت، خيرات يا ڪنهن اهم موقعي تي دعوتين کي کاڌو وڻن جي ويڪرن پنن ۾ کارائيندا آهن. پاتل گيدوڙي، ڦاروي ۽ پپر جي ويڪرن پنن مان ٺاهيا ويندا آهن. خاص ڪري ڀاڄي وغيره رکڻ لاءِ پپر جي پن جي ڪنڊ موڙي، ڏونگهي وٽي ٺاهبي آهي، جنهن کي”دونو“ چوندا آهن.