پارُ: درياھہ يا نھر جو ٻيو ڪپ. اهو کوھہ، جنهن ۾ تڙ جو پاڻي نہ هجي يعني اهڙو کوھہ، جنهن ۾ آسپاس جو پاڻي سيمو ڪري اچي پوي. ٿر ۾ اهڙن کوهن جي اونهائي 50 کان 100 فوٽن تائين هوندي آهي، کوھہ جي ڪپ تي پاڻيءَ جي سَٺي سان ٻڌل ڳوٺ کي بہ ”پار“ چوندا آهن، جيئن؛ کوکرا پار، جيسي جو پار، سڄڻ جو پار، پرينءَ جو پار ۽ پيري جو پار.-’پار‘ نالي سان ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ هڪ ديھہ موجود آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آهن: سليمان گجو، جيئڻ راڄڙ (سرفراز راڄڙ)، مجنون نوهڙي، صديق راڄڙ (گل راڄڙ)، رمضان، وليداد مري ۽ معظم الرحمان.