پاراشر

پاراشر: ويدن جي زماني جو رشي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته رِگ ويد جا ڪجهه شلوڪ سندس رچيل آهن. هو ڪپل منيءَ جو پوئلڳ هو. کيس پُلسيه رشيءَ کان ’وشنو پُراڻ‘ مئَترييُه رشيءَ کي سيکارڻ لاءِ مليو هو. هو ’ڌرم شاستر‘ جو پڻ مصنف هو، جن جا متن گهڻو ڪري قانون جي ڪتابن ۾ حوالي طور استعمال ڪيا ويندا آهن. هن جو دور 1391 ق.م کان 575 ق.م چيو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه ڪيترا اسڪالر تسليم نٿا ڪن. نروڪتا مطابق هو وششٽ جو پٽ هو، پر ’مهاڀارت‘ ۽ ’وشنو پُراڻ‘ ۾ هُو سَڪتري جو پٽ ۽ وششٽ جو پوٽو چيو وڃي ٿو. مَهاڀارت ۾ سندس جنم بابت آيل آهي راجا ڪلماش پد هڪ سوڙهي رستي تي سڪتريءَ رشيءَ کي سامهون آيو ۽ کيس رستي تان پوئتي هٽڻ لاءِ چيائين. رشيءَ پوئتي موٽڻ کان انڪار ڪيو ته راجا کيس چهبڪ سان ڌڪ هنيا. تنهن تي رشيءَ کيس راڪاس ٿيڻ جو سراپ ڏنو. انهيءَ صورت ۾ هن سڪتري کي کائي ڇڏيو، جنهن جي زال، آدرسيئنتي پوءِ پاراشر کي جنم ڏنو. جڏهن اُهو ٻار وڏو ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ جي موت جي باري ۾ ٻڌائين ته هُن سڀني راڪاسن جي ناس ٿيڻ لاءِ قرباني ڪئي، پر وششٽ ۽ ٻين رشين کيس اُها مڪمل ٿيڻ نه ڏني. هُن پوءِ قرباني جي رهيل باهه کي هماليه جي اُترئين پاسي ڦهلائي ڇڏيو، جيڪا راڪاسن، ٻيلن ۽ جبلن کي ناس ڪرڻ لاءِ چنڊ جي ڪلائن ۾ اڃا تائين ٻرندي رهي ٿي.


لفظ پاراشرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو