پاراچنار: هيءُ شھر صوبي سرحد جي خرم ايجنسيءَ جو صدر مقام آهي، جيڪو پشاور کان 80 ميل اولھہ ۾ آهي. هتان افغانستان طرف رستو ويندو آهي. هتي جا قدرتي منظر تمام دلڪش آهن. هن شھر جو نالو چنار جي قديم وڻن جي گهڻائيءَ ڪري پيو آهي. ”بچه سقه“، جيڪو افغانستان جو بادشاھہ ٿيو هو، پاراچنار جي هڪ بازار ۾ ماشڪيءَ جو ڪم ڪندو هو. چانور، ڪڻڪ ۽ مڪائيءَ جي فصلن کان سواءِ صوف، ناسپاتي، انگور ۽ ٻيا ميوا هن واديءَ جي زرعي پيداوار ۾ شامل آهن. پاراچنار جا اکڙوٽ سٺا ليکيا ويندا آهن. هتي جي مشھور ادارن ۾ پائيلٽ بيلون، آبزرويٽري، ماڊل زرعي فارم ۽ گورنمينٽ ڪاليج اچي وڃن ٿا.