پارُو فقير/ پاربرهم فقير: ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي تعلقي ۾ ، ڏيپلي جي شهر کان 15 ڪلوميٽر کن پري ، اُتر اُلهندي طرف ، ” ويڙهي جھپ “ نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي . ويڙهي جھپ ۾ پنج ست گھر ٺڪرن ( راجپوتن ) جا ، چار پنج گھر بجيرن جا ۽ ٿورڙا گهر ڀيلن ۽ مينگھواڙن جا آهن . پارو فقير کي ” پاربرهم “ به سڏيندا آهن . هو اصل ۾ ڪڇ علائقي جي انجار نالي شهر جو ويٺل هو . ذات جو ڪڇي برهمڻ هو ، پر رواجي ٻانڀڻ کان ٻيءَ طرح هو . مئَڪن نالي هڪ سنياسيءَ کان اُپديش يا گرمنتر وٺي يوگ اڀياس ڪيائين ۽ سڄي ڄمار برهمچاري ٿي رهيو . هوُ پوءِ ويراڳ وٺي ، سامين ۽ جوڳين وانگر گھمندو ڦرندو ، ڪڇ جو رڻ لتاڙي سنڌ ۾ آيو ، ۽ ڏيپلي تعلقي جي ٻاهران ويڙهي جھپ ڳوٺ ۾ اچي رهيو . انهيءَ وقت به هتي ڀيل رهندا هئا . پاروُ فقير چوندو هو ته جنهن هنن هريجنن کان ” ڇوُ ڇوُ “ ڪري پاسو ڪيو ، سو انسان ڪهڙو؟ پاڻ برهمڻ ٿي ، هتي جي ڀيلن جي شيوا ڪرڻ لڳو! پاروُ فقير هتي ڪجهه وقت رهي ، پوءِ موٽي پنهنجي وطن ويو . پر ويڙهي جھپ وڻي ويئي هيس ، تنهنڪري پنهنجن مائٽن کي چيائين ته ، ” آءٌ پنهنجي ديهي ويڙهي جھپ ۾ ڇڏيندس ۽ توهين منهنجي سمانڌ اُتي جوڙائجو ، ڀل ته ياد رهي ته ذات پات جي ڀيد ڀڃڻ جو آرنڀ اول اُتي ٿيو هو . “ هو پوءِ مائٽن کي وٺي ، ويڙهي جھپ ۾ آيو . سنان پاڻي ڪري ، يوگ آسڻ ۾ ويهي ، مائٽن کي چيائين ته ” هاڻ منهنجي مٿان مٽي ورايو “ اهڙيءَ ريت هن جيئري ئي سمانڌ ورتي . پاروُ فقير جي سمانڌ ويڙهي جھپ ۾ اڄ تائين آهي . اتي وڪرمي سنبت جي هر سال ڄيٺ ( مئي- جون ) مهيني جي پنجين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي ، جيڪو پنڌرهن ڏينهن ساندهه هلندو آهي . پاروُ فقير جي سؤٽن جي آڪهه مان ڪي ٻاوا آهن ، جيڪي هينئَر بدين شهر جي پريان رهن ٿا . اُهي ميلي کان ٿورو اڳي هتي ايندا آهن . جيڪو ٻائو گاديءَ تي ويٺل آهي ، اُهو هتي سمانڌ وٽ اچي رهندو آهي . شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي سفر دوران هتي ويڙهي جهپ ۾ آيو هو ۽ پارُو فقير جي هن آسٿان لاءِ چيو اٿس:کـاروڙئــان کـڻـي ، ويــڙهِــي جهَـپ ويــا ، سيڻ منهنـجا سيـد چئي ، هاڻي هتِ هَئا ، پـسـي پــڊ اُنَ جــا ، لَــڙي لُــڙڪَ پيَــا ، ڏيهَــي ڏور وِيــا ، ڏيـان ڏوراپـا ڪـن کـي
ڏور وِيــا، ڏيـان ڏوراپـا ڪـن کـي.