پارجاتڪ

پارجاتڪ (ڪتاب ):اورنگزيب عالمگير لاءِ چيو وڃي ٿو تہ: هن راڳ تي بندش وڌي هئي ۽ بادشاهي درٻار مان راڳ کي نيڪالي ڏني هئي، پر پوءِ بہ سندس دور ۾ موسيقيءَ جي فن تي ڪجهہ ڪتاب لکيا ويا، جن مان هڪ ڪتاب مرزا روشن ضمير لکيو، جيڪو موسيقيءَ جو مڃيل استاد هو، هن عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ ڪجهہ ڪتاب هن فن تي لکيا، پر اهي هاڻي دستياب نہ آهن. ”پار جاتڪ“ اصل ۾ سنسڪرت زبان ۾ لکيل موسيقيءَ جي ڪتاب جو ترجمو آهي. هن ۾ ٽي باب آهن، پهريون گيت ڪانڊ، جنهن ۾ ڳائڻ جا اصول ڏنل آهن. ٻيو اواديه ڪانڊ، جنهن ۾ سازن تي بحث ڪيو ويو آهي. ٽيون نرتيه ڪانڊ، جنهن ۾ رقص تي بحث ڪيل آهي. هي ڪتاب فارسي زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو