پارَسُ: هڪ قسم جو پٿر، جنهن لاءِ عام روايت آهي تہ اهو لوھہ سان لڳي تہ ان کي سون ڪري ڇڏيندو آهي. هـي پـٿـر نـايـاب ٿيـنـدو آهي، جنهن جي تــــلاش ۾ ڪيترا ماڻهو هر دور ۾ سرگردان رهيا، پر محروم رهـيـا. چـون ٿـا تـه ’پـارس‘ جـبـل جـو پـٿـر آهـي، پــر ڪنـهـن قسمت واري کي هٿ ايندو آهي. پارس جي ڳولا لاءِ ڪي ماڻهو وري جبل ۾ چرندڙ ٻڪرين جي کُرن ۾ ننڍا نعل هڻي ڇڏيندا آهن. پوءِ روزانو جاچ ڪندا آهن تہ پارس کي ڇھي تہ نہ آئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻڪريءَ جي کر ۾ سونو نعل لڳل مليو تہ پوءِ انهيءَ جُوءِ کي سڄي عمر لاءِ ڏوريندا رهندا آهن. ڪن روايتن مطابق ”پارس“ فقط درويشن ۽ ﷲ وارن فقيرن کي ملندو آهي. چون ٿا تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ڪنهن فقير کان پارس پٿر مليو هو، پر پاڻ اهو ائين چئي سنڌو درياھہ ۾ اڇلائي ڇڏيائين تہ ”اسان فقير پارس کي ڇا ڪنداسين!“ شاھہ جي رسالي ۾ پارس بابت بيت موجود آهي تہ:’تون پارس آءُ لوھہ، جي سَڃين تہ سون ٿيان‘ سنڌ ۾ ڪو شخص اوچتو دولتمند ٿي ويندو آهي تہ عام طرح چوندا: ”ڪٿان پارس هٿ آيو اٿئي ڇا؟“. هيءُ هڪڙو خيالي پٿر آهي، جنهن جو وجود تصوراتي ۽ زباني روايتن تي ٻڌل آهي.