پارسناٿ جو پتلو

پارسناٿ جو پُتلو: پارسناٿ جين ڌرم وارن جو هڪ وڏو ديوتا آهي، جيڪو مشهور مهاتما گرو گورکناٿ جو چيلو هو. هن پتلي جي باري ۾ مختلف ۽ متضاد ڪهاڻيون آهن، جيڪي پاري ننگر جي اوسواڙ واپاري ’منگهو‘ سان لاڳاپيل آهن. هن پتلي بابت هڪ ڪهاڻي عام مشهور آهي ته منگهو اوسواڙ ڪنهن وقت ۾ واپار سانگي گجرات جي ”پٽڻ“ شهر ويو، جتي خواب ۾ ڪنهن ديوتا طرفان پارسناٿ جي پُتلي بابت ڄاڻ مليس ۽ حڪم ٿيس ته هُو اهو پتلو کڻائي گوڙيءَ جي مندر ۾ رکرائي. هُن اُن حڪم جي پوئيواري ۾ اُهو پتلو کڻائي، واپس وطن وريو ۽ اچي گوڙيءَ جو مندر ٺهرائي؛ پتلو انهيءَ مندر ۾ رکرائي ڇڏيائين. پر پارسي تاريخ نويسن موجب منگهو اوسواڙ اهو پارسناٿ جو پتلو پنج سئو رپين ۾ ڪٿان خريد ڪيو هو ۽ سن 1376ع ۾ اهو مندر ٺهرائي، پتلو انهيءَ ۾ رکرائي ڇڏيائين. بعد ۾ ماڻهن جو تجسس ۽ ڌيان وڌائڻ لاءِ منگهو اوسواڙ ديوتا واري ڳالهه هُلائي ڇڏي. پارسناٿ جو پتلو، اڇي سنگ مرمر جو ٺهيل 11 فوٽ ڊگهو آهي، جنهن جي نرڙ ۽ ڇاتين تي هيري جون ڪڻيون لڳل آهن. ڪن روايتن ۾ اهو پڻ آهي ته پارسناٿ جو پتلو، منگهي اوسواڙ، هڪ مسلمان تُرڪ کان، هڪ سؤ رپين ۾ خريد ڪيو هو. پارسناٿ جو پتلو، ڪيترائي ورهيه گوڙيءَ واري مندر ۾ رکيل هو. ڪيترائي ماڻهو انهيءَ پتلي کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ڪهي ايندا هئا. مقرر ڏينهن تي هن پتلي کي ڪوٺيءَ مان ڪڍي، ٻاهر چبوتري تي رکيو ويندو هو، جتي ڪيترائي ماڻهو پتلي جو ديدار ڪري، اُن تي ڀيٽا رکندا هئا. اها رسم ڪيترائي سال هلندي رهي. 1716ع ۾ جڏهن سوڍو ستوجي، ويراواهه جي راڻي جي گاديءَ تي هو ته سندس ڀائرن انهيءَ مندر جي آمدنيءَ تي اکيون وڌيون ۽ ڪيترائي پئسا لٽائڻ لڳا. انهيءَ ڪري سوڍو ستوجي ڪاوڙجي، پتلي کي کڻي ٻاکاسر (جوڌپور) هليو ويو ۽ اُهو ٻاکاسر جي قلعي اندر نم جي وڻ هيٺيان پُوري ڇڏيائين. هُو هر سال انهيءَ پتلي کي ٻاهر ڪڍي ميلو لڳائيندو هو. ميلي ۾ ڪيترائي ماڻهو پتلي جو ديدار ڪري، ڀيٽا ڏيئي ويندا هئا. بعد ۾ سوڍي اهو پتلو وري کڻي اچي ويرا واهه ۾ رکايو، جتي پڻ هر سال ميلو لڳندو هو. 1832ع ۾ اهو پتلو ”پونجو جي“ نالي هڪ سوڍي وٽ هو. سوڍي جي سنڌ جي ٽالپرن سان نه لڳندي هئي، سو نيٺ جنگ لڳي ۽ پونجو جِي مارجي ويو. ڪنهن کي خبر نه پئي ته هن اهو پتلو ڪٿي پُوري رکيو هو ۽ ائين ئي اهو پتلو هميشه لاءِ گم ٿي ويو.


لفظ پارسناٿ جو پتلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو