پارسي: پارسي پاڪستان ۽ هندستان جو هڪ اقليتي طبقو آهن، آتش پرست، زردشتي (زرتشتي) مذهب جا پوئلڳ آهن. جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ته ڪيترن ماڻهن اسلام قبول ڪيو ۽ ڪيترا وري لڏي هندستان اچي ويا، هي ماڻهو ثنويت جو (ٻِٽو) عقيدو رکن ٿا. سندن عقيدي موجب، خير ۽ شر جا ٻه الڳ الڳ خدا آهن. اهي خير جي خالق کي ’يزدان‘ يا ’اهرمزد‘ ۽ شر جي خالق کي ’اهرمن‘ چوندا آهن. هي باهه، سج، چنڊ ۽ تارن کي يزدان جا مختلف مظهر سمجهندا آهن، اهوئي سبب آهي، جو هنن جي عبادت گاهن ۾ هر وقت باهه ٻرندي رهندي آهي. پارسي، پنهنجي مُڙدن کي دفنائڻ يا ساڙڻ بدران هڪ کليل اوچي عمارت تي رکي مڙدي جي جسم مٿان ڏَهي هڻي ڇڏيندا آهن ته جيئن انهن کي ڳجهون ۽ ٻيا پکي کائي وڃن. اهڙيءَ خاص عمارت کي هو ”دُخَمه“ (خاموشيءَ جو مينار) سڏيندا آهن. بمبئيءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ اهڙا ”دخمه“ موجود آهن، پر جتي دخمه نه آهن، اتي هنن جا الڳ قبرستان آهن، جتي مجبوريءَ جي حالت ۾ جنازي کي دفن ڪندا آهن. لاهور ۾ اقبال پارڪ ويجهو هڪ پارسي قبرستان آهي. پارسي مذهب، غير تبليغي مذهب آهي. هي ماڻهو نه ٻين مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ داخل ڪندا آهن ۽ نه ئي انهن سان شادي مراديءَ ۽ ٻي ڏيتي ليتي ڪندا آهن. انهن سخت پابندين سبب اهي ٻين وڏن مذهبن، اسلام، عيسائيت، يهوديت وغيره جي ثقافتي اثرن کان آجا رهيا آهن. علم حاصل ڪرڻ پارسين جي ايمان جو مُکيه جُز آهي. هر پارسي عبادت گاهه ۾ هڪ تعليمي درسگاهه ضرور هوندو آهي. دنيا ۾ پارسين جو ڪل تعداد ٻن لکن جي لڳ ڀڳ آهي،، جن مان 2001ع جي آدمشماريءَ موجب 70 هزار پارسي هندستان جي مختلف شهرن، بمبئي، سورت ۽ ان جي آسپاس ۾ رهن ٿا. پارسي عام طرح واپاري ۽ خوشحال ماڻهو آهن. سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾، مذهب، زبان ۽ نسلي فرق کان سواءِ، سرگرميءَ سان حصو وٺندا آهن. ڪراچي شهر ۾ ورهاڱي کان اڳ پارسين جي چڱي خاصي آبادي موجود هئي، جن جو وڏو تعداد ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ پارسين جي آبادي گهٽ آهي. ماضيءَ ۾ ڪراچي شهر کي جديد بنائڻ ۾ پارسين ۽ هندن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. اڄ به بمبئيءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترا اسڪول، اسپتالون، هال ۽ ڪتب خانا وغيره پارسين جي سرمايي سان هلي رهيا آهن. پارسي پنهنجن ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ ئي پنهنجن اسڪولن ۾ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏيندا آهن. هندستان ۾ پهريون فولاد جو ڪارخانو جمشيد ٽاٽا پارسيءَ قائم ڪيو هو. ڪراچيءَ ۾ جمشيد روڊ، جهانگير روڊ، بي. سي. سي. پارسي اسڪول، ٿياسافيڪل هال وغيره، پارسين جا يادگار آهن. پاڪستان ۽ هندستان ۾ جديد اسٽيج ڊرامن ۽ فلم سازيءَ جا باني به پارسي ئي آهن. سنڌ ۽ هند ۾ جمشيد نسروانجي مهتا، دادا ڀائي نوروز جي، فيروزشاهه مهتا، ڊنشا ايڊلجي، ڪائوسجي جهانگير، ٽاٽا، ڊاڪٽر هومي جهانگير ڀاڀا هن برادريءَ جا مشهور ماڻهو ٿي گذريا آهن. جمشيد نسروانجيءَ کي جديد ڪراچيءَ جو باني سڏيو ويندو آهي. هن وقت ڪراچيءَ جو ناليوارو صحافي ارد شير ڪائوسجي ۽ آواري هوٽلن جو مالڪ بئرام. ڊي آواري به هن برادريءَ سان تعلق رکن ٿا. پارسين جا وڏا اندازً هڪ هزار سال اڳ ايران مان متڀيد وارين ڪارواين جي ڪري لڏي هند، سنڌ ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ آباد ٿيا. هي قديم پهلوي رسم الخط استعمال ڪندا هئا. هي ماڻهو پهرين گجرن جي علائقي گجرات (ڀارت) ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ ٻين پاسن ڏانهن ويا، ان ڪري پاڻ ۾ گجراتي ڳالهائيندا آهن. هي ماڻهو ان خيال کي تسليم نه ٿا ڪن ته هي ڪي باهه جا پوڄاري آهن، پر باهه سندن گهرن ۾ هميشه ٻرندي رهندي آهي. ان لاءِ سندن جو چوڻ آهي ته هو باهه ۽ ٻين قدرت جي مظهرن جي صرف تڪريم ڪندا آهن. پارسي پنهنجي گهٽ آباديءَ جي باوجود امير آهن. بمبئيءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ سندن وڏا ڪارخانا آهن. تعليم تي خاص ڌيان ڏيندا آهن. تنهنڪري هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم يافته طبقو پارسين جو آهي. هنن جي مذهب جون ٽي ڳالهيون خاص طور قابل ذڪر آهن: نيڪ پندار، نيڪ گفتار ۽ نيڪ ڪردار، جن ڳالهين تي هو هميشه عمل پيرا رهندا آهن. هنن محنت ۽ راستبازيءَ سان واپار ۽ صنعت جي وسيلي وڏي دولت ڪمائِي آهي. رفاهي ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ گهڻو حصو وٺندا آهن. جڏهن يورپي قومون شروع شروع ۾ هند جي ڪنارن تي پهتيون ۽ تجارتي بيٺڪون ٺاهيائون ته آڙهت ۽ دلاليءَ جو ڪم زياده تر پارسين ڪيو. ايران ۽ پاڪستان ۾ اڄ به پارسي آباد آهن. حيدرآباد ۾ پارسين جو قبرستان آهي، جنهن ۾ کوهه ٺهيل آهي، جنهن جي پڳهه جي اندران شيخون لڳل آهن، جنهن تي لاش کي رکي ڇڏيندا آهن ۽ کوهه جي اونهي تر ۾ لوڻ هاري ڇڏيندا آهن. سيخن تي رکيل لاشن جو ماس ڪانوَ، ڳجهون ۽ ٻيا پکي کائي ويندا آهن، باقي هڏا بچندا آهن، جيڪي کوهه جي تري ۾ وڃي پوندا آهن. اهڙيءَ طرح لاش جو اُڪلاءُ ٿيندو آهي. پارسين جو پيغمبر زردشت (زرتشت) آهي، جنهن جي ڪتاب ”زند اويستا“ کي هو پاڪ ۽ پويتر سمجهي پوڄين ٿا. پارسي هن وقت پنهنجي قديم زرتشت مذهب کي بچائڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي ڀرپور مدد وٺي رهيا آهن ۽ پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن کي ساڍا ٽي هزار سال قديم مذهب جي پابندي ڪرڻ ۽ ان سان وفادار رهڻ لاءِ ويب سائيٽ، بلاگس، آن لائين ڊائريڪٽريز ۽ اي-ميل گروپس استعمال ڪرڻ لڳا آهن. ممبئيءَ ۾ ڪمپيوٽر ڪنسلٽنسي فرم هلائيندڙ پارسي خاتون يزودي تنتوا جو چوڻ آهي ته پارسي برادريءَ جي ڪا به سرحد نه آهي. هو سڄيءَ دنيا ۾ رهن ٿا ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ وسيلي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن. تنتوا ڪيئي ويب سائيٽون به هلائي ٿي. اهي رابطا اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت وڌيڪ اهم آهن، ڇو ته وڏي پيماني تي ترقي يافته شهري اقليت، جنهن هندستان ۾ رتن ٽاٽا، ڪنڊڪٽر زوين مهتا جهڙو صنعتڪار ۽ مشهور ڳائڻو فريدي مرڪيوري پيدا ڪيو، سا هر سال گهٽ ٿيندي پئي وڃي. آدم شماريءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته 2051ع تائين دنيا ۾ صرف 32 هزار پارسي ماڻهو وڃي رهندا، ان ڪري ممبئيءَ جي بااثر ”بمبئي پارسي پئنچائت“ برادريءَ جي بچاءَ ۽ تحفظ لاءِ نوجوانن هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ نوجوانن ۾ لڳ لاڳاپن کي هٿي وٺرائي وڃي ٿي ته جيئن اُهي سماجي تقريبن ۾ زندگيءَ جا ساٿي ڳولي سگهن ۽ ساڳيءَ طرح ويب سائيٽ ذريعي به اهي برادريءَ اندر ئي پنهنجا دوست ۽ زندگيءَ جا حقيقي ساٿي ڳولي سگهن ٿا.