پارسي

پارسي: پارسي پاڪستان ۽ هندستان جو هڪ اقليتي طبقو آهن، آتش پرست، زردشتي (زرتشتي) مذهب جا پوئلڳ آهن. جڏهن عربن ايران فتح ڪيو تہ ڪيترن ماڻهن اسلام قبول ڪيو ۽ ڪيترا وري لڏي هندستان اچي ويا، هي ماڻهو ثنويت جو (ٻِٽو) عقيدو رکن ٿا. سندن عقيدي موجب، خير ۽ شر جا ٻہ الڳ الڳ خدا آهن. اهي خير جي خالق کي ’يزدان‘ يا ’اهرمزد‘ ۽ شر جي خالق کي ’اهرمن‘ چوندا آهن. هي باھہ، سج، چنڊ ۽ تارن کي يزدان جا مختلف مظهر سمجهندا آهن، اهوئي سبب آهي، جو هنن جي عبادت گاهن ۾ هر وقت باھہ ٻرندي رهندي آهي. پارسي، پنھنجي مُڙدن کي دفنائڻ يا ساڙڻ بدران هڪ کليل اوچي عمارت تي رکي مڙدي جي جسم مٿان ڏَهي هڻي ڇڏيندا آهن تہ جيئن انهن کي ڳجهون ۽ ٻيا پکي کائي وڃن. اهڙيءَ خاص عمارت کي هو ”دُخَمه“ (خاموشيءَ جو مينار) سڏيندا آهن. بمبئيءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ اهڙا ”دخمه“ موجود آهن، پر جتي دخمه نہ آهن، اتي هنن جا الڳ قبرستان آهن، جتي مجبوريءَ جي حالت ۾ جنازي کي دفن ڪندا آهن. لاهور ۾ اقبال پارڪ ويجهو هڪ پارسي قبرستان آهي. پارسي مذهب، غير تبليغي مذهب آهي. هي ماڻهو نہ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي پنھنجي مذهب ۾ داخل ڪندا آهن ۽ نہ ئي انهن سان شادي مراديءَ ۽ ٻي ڏيتي ليتي ڪندا آهن. انهن سخت پابندين سبب اهي ٻين وڏن مذهبن، اسلام، عيسائيت، يهوديت وغيرہ جي ثقافتي اثرن کان آجا رهيا آهن. علم حاصل ڪرڻ پارسين جي ايمان جو مُکيه جُز آهي. هر پارسي عبادت گاھہ ۾ هڪ تعليمي درسگاھہ ضرور هوندو آهي. دنيا ۾ پارسين جو ڪل تعداد ٻن لکن جي لڳ ڀڳ آهي،، جن مان 2001ع جي آدمشماريءَ موجب 70 هزار پارسي هندستان جي مختلف شهرن، بمبئي، سورت ۽ ان جي آسپاس ۾ رهن ٿا. پارسي عام طرح واپاري ۽ خوشحال ماڻهو آهن. سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾، مذهب، زبان ۽ نسلي فرق کان سواءِ، سرگرميءَ سان حصو وٺندا آهن. ڪراچي شھر ۾ ورهاڱي کان اڳ پارسين جي چڱي خاصي آبادي موجود هئي، جن جو وڏو تعداد ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ پارسين جي آبادي گهٽ آهي. ماضيءَ ۾ ڪراچي شھر کي جديد بنائڻ ۾ پارسين ۽ هندن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. اڄ بہ بمبئيءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترا اسڪول، اسپتالون، هال ۽ ڪتب خانا وغيرہ پارسين جي سرمايي سان هلي رهيا آهن. پارسي پنهنجن ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ ئي پنهنجن اسڪولن ۾ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏيندا آهن. هندستان ۾ پهريون فولاد جو ڪارخانو جمشيد ٽاٽا پارسيءَ قائم ڪيو هو. ڪراچيءَ ۾ جمشيد روڊ، جھانگير روڊ، بي. سي. سي. پارسي اسڪول، ٿياسافيڪل هال وغيره، پارسين جا يادگار آهن. پاڪستان ۽ هندستان ۾ جديد اسٽيج ڊرامن ۽ فلم سازيءَ جا باني بہ پارسي ئي آهن. سنڌ ۽ هند ۾ جمشيد نسروانجي مهتا، دادا ڀائي نوروز جي، فيروزشاھہ مهتا، ڊنشا ايڊلجي، ڪائوسجي جهانگير، ٽاٽا، ڊاڪٽر هومي جھانگير ڀاڀا هن برادريءَ جا مشھور ماڻهو ٿي گذريا آهن. جمشيد نسروانجيءَ کي جديد ڪراچيءَ جو باني سڏيو ويندو آهي. هن وقت ڪراچيءَ جو ناليوارو صحافي ارد شير ڪائوسجي ۽ آواري هوٽلن جو مالڪ بئرام. ڊي آواري بہ هن برادريءَ سان تعلق رکن ٿا. پارسين جا وڏا اندازً هڪ هزار سال اڳ ايران مان متڀيد وارين ڪارواين جي ڪري لڏي هند، سنڌ ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ آباد ٿيا. هي قديم پهلوي رسم الخط استعمال ڪندا هئا. هي ماڻهو پهرين گجرن جي علائقي گجرات (ڀارت) ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ ٻين پاسن ڏانهن ويا، ان ڪري پاڻ ۾ گجراتي ڳالهائيندا آهن. هي ماڻهو ان خيال کي تسليم نہ ٿا ڪن تہ هي ڪي باھہ جا پوڄاري آهن، پر باھہ سندن گهرن ۾ هميشہ ٻرندي رهندي آهي. ان لاءِ سندن جو چوڻ آهي تہ هو باھہ ۽ ٻين قدرت جي مظهرن جي صرف تڪريم ڪندا آهن. پارسي پنھنجي گهٽ آباديءَ جي باوجود امير آهن. بمبئيءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ سندن وڏا ڪارخانا آهن. تعليم تي خاص ڌيان ڏيندا آهن. تنهنڪري هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم يافتہ طبقو پارسين جو آهي. هنن جي مذهب جون ٽي ڳالهيون خاص طور قابل ذڪر آهن: نيڪ پندار، نيڪ گفتار ۽ نيڪ ڪردار، جن ڳالهين تي هو هميشہ عمل پيرا رهندا آهن. هنن محنت ۽ راستبازيءَ سان واپار ۽ صنعت جي وسيلي وڏي دولت ڪمائِي آهي. رفاهي ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ گهڻو حصو وٺندا آهن. جڏهن يورپي قومون شروع شروع ۾ هند جي ڪنارن تي پهتيون ۽ تجارتي بيٺڪون ٺاهيائون تہ آڙهت ۽ دلاليءَ جو ڪم زياده تر پارسين ڪيو. ايران ۽ پاڪستان ۾ اڄ بہ پارسي آباد آهن. حيدرآباد ۾ پارسين جو قبرستان آهي، جنهن ۾ کوھہ ٺهيل آهي، جنهن جي پڳھہ جي اندران شيخون لڳل آهن، جنهن تي لاش کي رکي ڇڏيندا آهن ۽ کوھہ جي اونهي تر ۾ لوڻ هاري ڇڏيندا آهن. سيخن تي رکيل لاشن جو ماس ڪانوَ، ڳجهون ۽ ٻيا پکي کائي ويندا آهن، باقي هڏا بچندا آهن، جيڪي کوھہ جي تري ۾ وڃي پوندا آهن. اهڙيءَ طرح لاش جو اُڪلاءُ ٿيندو آهي. پارسين جو پيغمبر زردشت (زرتشت) آهي، جنهن جي ڪتاب ”زند اويستا“ کي هو پاڪ ۽ پويتر سمجهي پوڄين ٿا. پارسي هن وقت پنھنجي قديم زرتشت مذهب کي بچائڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي ڀرپور مدد وٺي رهيا آهن ۽ پنھنجي برادريءَ جي ماڻهن کي ساڍا ٽي هزار سال قديم مذهب جي پابندي ڪرڻ ۽ ان سان وفادار رهڻ لاءِ ويب سائيٽ، بلاگس، آن لائين ڊائريڪٽريز ۽ اي-ميل گروپس استعمال ڪرڻ لڳا آهن. ممبئيءَ ۾ ڪمپيوٽر ڪنسلٽنسي فرم هلائيندڙ پارسي خاتون يزودي تنتوا جو چوڻ آهي تہ پارسي برادريءَ جي ڪا بہ سرحد نہ آهي. هو سڄيءَ دنيا ۾ رهن ٿا ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ وسيلي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن. تنتوا ڪيئي ويب سائيٽون بہ هلائي ٿي. اهي رابطا اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت وڌيڪ اهم آهن، ڇو تہ وڏي پيماني تي ترقي يافتہ شھري اقليت، جنهن هندستان ۾ رتن ٽاٽا، ڪنڊڪٽر زوين مهتا جهڙو صنعتڪار ۽ مشھور ڳائڻو فريدي مرڪيوري پيدا ڪيو، سا هر سال گهٽ ٿيندي پئي وڃي. آدم شماريءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ 2051ع تائين دنيا ۾ صرف 32 هزار پارسي ماڻهو وڃي رهندا، ان ڪري ممبئيءَ جي بااثر ”بمبئي پارسي پئنچائت“ برادريءَ جي بچاءَ ۽ تحفظ لاءِ نوجوانن هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ نوجوانن ۾ لڳ لاڳاپن کي هٿي وٺرائي وڃي ٿي تہ جيئن اُهي سماجي تقريبن ۾ زندگيءَ جا ساٿي ڳولي سگهن ۽ ساڳيءَ طرح ويب سائيٽ ذريعي بہ اهي برادريءَ اندر ئي پنهنجا دوست ۽ زندگيءَ جا حقيقي ساٿي ڳولي سگهن ٿا.


لفظ پارسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو