پارلياماني حڪومت

پارلياماني حڪومت: حڪومتي اختيارن کي استعمال ڪرڻ لاءِ اڄڪلھہ ٽي ادارا قائم ڪيا وڃن ٿا. ان جو سبب اهو آهي تہ اختيار روايتي طور تي ٽن قسمن جا مڃيا ويا آهن. قانون سازيءَ جا اختيار، جن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ”قانون ساز مجلسون“ جوڙيون وينديون آهن. ٻيو قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ ملڪ جي نظم ۽ ضبط جي پاليسي بنائڻ جا اختيار، جن لاءِ ”ايوان“ هوندو آهي. ٽيون، قانون کي فرد يا گروھہ تي لاڳو ڪرڻ ۽ انصاف ڪرڻ جا اختيار، جنهن لاءِ ”عدالتون“ جوڙيون وينديون آهن. هي ادارا جمهوري ۽ غير جمهوري، ٻنهي قسمن جي مملڪتن ۾ حڪومتي اختيارن جي اتحاد (FUSION OF POWER) جي اصول تي جوڙيا ويندا آهن. جنهن جو مطلب اهو آهي تہ ايوان ۽ قانون ساز اسيمبلي ٻہ الڳ الڳ ادارا نٿا ٿين، پر انهن ٻنهي جي ڪميٽي ٿئي ٿي. قانون ساز اسيمبليءَ جي اڪثريتي پارٽيءَ جو ليڊر ملڪ جي آئين موجب (صدر/ بادشاھہ) پاران وزيراعظم مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ وزيراعظم پنھنجي ئي پارٽيءَ جي ممتاز رڪنن کي جيڪي قانون ساز اسيمبليءَ مان چونڊجي ايندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ رڳو ٻہ اهم سياسي پارٽيون هجن تہ ايوان کي جوڙڻ ۽ وزيراعظم مقرر ڪرڻ جو ڪم گهڻو آسان ٿي وڃي ٿو. پر جتي گهڻيون سياسي پارٽيون هجن ۽ ڪنهن پارٽيءَ کي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ اڪثريت نہ هجي. تڏهن ٻہ يا ان کان وڌيڪ پارٽيون ( جن جو پروگرام هڪ ٻئي جي قريب هجي) پاڻ ۾ ٺاھہ ڪري هڪ گڏيل لائحه عمل جوڙينديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح اهي پارٽيون ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ اڪثريت حاصل ڪن تہ پوءِ اتحادي پارٽين جا رڪن پنهنجو هڪ ليڊر چونڊيندا آهن، جنهن کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ اتحادين جي ممتاز رڪنن کي ايوان جي رڪنيت لاءِ چونڊيندو آهي. اهڙيءَ طرح اتحادي پارٽيءَ جي رڪنن جي ايوانن ۾ ممڪن حد تائين نمائندگي حاصل ٿي وڃي ٿي. اهڙي ايوان کي پارلياماني حڪومت چئجي ٿو.


لفظ پارلياماني حڪومتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو