پارهيڙي

پارهيڙي: هڪ ذات جو نالو. ”پارهيڙين“ کي گهٽ ذات شمار ڪيو ويندو آهي. پارهيڙي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندا آهن، پر گهڻو ڪري ڍانڍي علائقن ۾ گهڻا هوندا آهن، ڇاڪاڻ تہ سندس واسطو ڍانڍي پکي مارڻ ۽ پڪڙڻ سان هوندو آهي. جهنگ مان، يا پوکن مان پکين کي دام ۾ ڦاسائيندڙن کي ”ماري“ چوندا آهن شاھہ لطيف جو هڪ بيت آهي تہ:”سَــرَ ۾ پکـي هيڪـڙو، پارهيـڙي پنجـاھہ“


لفظ پارهيڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو