پارهيڙيءَ جو شڪار: هي پکين جي شڪار جو هڪ طريقو آهي. جنهن ۾ شڪاري پنھنجي مٿي تي ڪنهن وڏي پکي (پيڻ يا ٻئي ڪنهن پکيءَ) جي کل هٿ ڪري ان ۾ ڪپھہ يا ٻي ڪا شيءِ ڀري، پکيءَ جي ڪل ٺاهي، پاڻيءَ ۾ ويهي، صرف سسي ٻاهر ڪڍي اهڙي نموني سان هلندو آهي، جيئن پکي سمجهن تہ اهو بہ ڪو پکي آهي. ان کي ’دلبو‘ بہ چئبو آهي. پارهيڙي آهستي آهستي پکين جي ولر ۾ اچي پاڻيءَ ۾ هيٺان ئي هيٺان پکيءَ کي ٽنگن مان جهلي ٽنگون اکيڙي تي اڇلائيندو ويندو آهي. انهيءَ طريقي سان هو هڪ ئي وقت ۾ تمام گهڻا پکي جهليندو آهي. لطيف سائين فرمايو آهي تہ:آءُ اڏامي هنجهڙا، سَرَ ۾ سارينئي،متان مارينئي، پاڙهيري پَھہ ڪري.’دلبو‘ منجهہ درياھہ، پکي پسي آئيا،ويچــارن ويســاھہ، آڻــي اُت اڙائيــا.