پارو شاھہ

پارو شاھہ: ڀائي پارو عرف پارو شاھہ، روهڙيءَ جي ٽڪر واري ڀاڱي، ڀلاڻڪي گهٽيءَ ۾ 1820ع ۾ ڀائي هنسراج سوناري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو چاندي ٻائي هو. هنسراج ۽ چاندي ٻائي ڌرمي ويچار وارا هئا، کين ٻہ ٻيا پٽ چندومل ۽ ڄيٺومل بہ هئا، جن اباڻو سونارڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. باقي پارو اسڪولي تعليم حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ گهوڙي سوار جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو، ۽ پوءِ پوليس مئن مان ترقي ڪري صوبيدار بڻيو. سندس شادي شڪارپور جي جهامنداس سوناري جي ڌيءُ گنگا ديويءَ سان ٿي. ڪجهہ سالن کان پوءِ ڪن گهرو مسئلن جي ڪري گنگا ديوي رُسي پيڪين هلي ويئي. هيڏانهن هڪ ڏينهن پارو شاھہ نوڪريءَ تان ٿڪل ٽٽل رات جو جيئن نائين وڳي ڌاري گهر موٽيو ۽ اڃا ڊيوٽيءَ واري وردي مس لاٿائين تہ کيس در ٻاهران سڏ ٿيو تہ ”يڪدم اچ، صاحب ٿو ڪوٺئي؟“ هن سوچيو تہ مون سڄو ڏينهن سرڪار جي نوڪري ڪئي آهي، گهر اچڻ کان پوءِ ماني کائڻ جو وقت بہ ڪونه ٿو ملي، بس اهڙي نوڪريءَ کي ڇا ڪبو، هاڻي وڌيڪ غلامي نہ ڪبي! سندس اکين ۾ پاڻي ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي اچي وئي. صاحب جو حڪم مڃي نائين وڳي کان پوءِ رات جو وٽس وڃي حاضر ٿيو ۽ پوليس جي وردي سندس قدمن ۾ رکندي چيائين: ”سائين، مون اڄ کان پڪو ارادو ڪيو آهي تہ هاڻي نوڪري صرف سچي مالڪ جي ڪبي“. سندس صاحب عجب ۾ پئجي ويو. پارو اڃا نوجوان هو، پر نوڪري ڇڏي ڏنائين، گهر گرهستيءَ وارو هوندي بہ برهمچاري ٿي گذاريائين. زال گنگا کي ”ماتا گنگا“ ڪري سڏيائين. هن 20 سال کن پهاڙن ۾ ايڪانت ۾، ويراڳ ۾ گذاريا. اهي ويھہ سال 1850ع کان 1870ع تائين هن لاءِ ڌيان ۽ يوگا جا سال هئا ۽ 20 ئي سال دنياداريءَ کان گوشي نشين رهيو. 1870ع ۾ روهڙيءَ آيو، سنڌوءَ جي ڪپ تي جهوپڙي جوڙي اچي رهيو، بيدل فقير جو پڪو معتقد هو، هميشہ سندس خدمت ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري بيدل فقير مٿس مھر جي نظر ڪري چيو تہ ”اڄ کان پوءِ تون پارو فقير نه، پر پارو شاھہ آهين“. اهڙيءَ طرح بيدل فقير کان باطني علم وٺي فقيري ۽ درويشيءَ اختيار ڪيائين ۽ ڪيترن کي پاڻ ڏانهن متوجهہ ڪيائين، جن مان ڀائي وسڻ رام بہ هڪ هو. پارو شاھہ جا هندو ۽ مسلمان عقيدتمند وڌندا ويا، هو جيڪو، ڪجهہ سال اڳ سپاهي هو، روحانيت ۾ رڱجي لال ٿي، ”پارو شاھہ“ بڻجي پيو. هندو توڙي مسلمان پارو شاھہ جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. هو آخر تائين ڏيک ويک کان پري رهيو. سدائين سادا ڪپڙا پائيندو هو. سدائين سادو رهيو، سادو کاڌو کاڌائين ۽ زندگي سادگيءَ سان گذاريائين. غريبن جي خدمت ۽ سيوا پنهنجو مقصد سمجهيائين، کين کاڌو رڌي کارائيندو هو، کين ڪپڙا ڏيندو هو، هن جي زندگي انسانن لاءِ پيار جو نمونو هئي.


لفظ پارو شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو