پاري نگر

پاري نگر: پاري نگر جي بندر جو بنياد عيسوي پهرين صديءَ ۾ پيو. جيڪو ننگرپارڪر کان 14 ڪلوميٽر اتر طرف واقع شهر ”ويرا واهه“ جي ڀرسان ڊٺل ۽ ويران کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي. آباديءَ جي لحاظ کان، هتي اڳ اٽڪل 40 هزار ماڻهو رهندا هئا. هتي اوسواڙ (جين ڌرم) جي اڪثريت هئي. جيڪي شاهوڪار ماڻهو هوندا هئا، تنهن وقت موجوده ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ موجود هو ۽ جنهن جو بندرگاهه پاري ننگر هوندو هو. ڪڇ جي رڻ مان جهاز سڌو اچي ڏوتڙ (ٻه تڙ) وٽ لنگر انداز ٿيندا هئا. ڏوتڙ، ويراواهه کان ٻه ميل اُلهندي ۾ آهي، انهي ڦٽل بندر جا نشان اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاري نگر، ڀوڏيسر جي مسجد ۽ گوڙيءَ جي مندر تي جيڪو چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي، تنهن تي غور ڪرڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو گهاٽ ساڳي ڪاريگر جو گهڙيل آهي ۽ چٽيل نفيس نقش مان ڀلي ڀت پروڙ پئجي سگهي ٿي ته هن ڀاڱي ۾ ڪيڏا وڏا چترڪار ۽ فنڪار موجود هئا. ڀوڏيسر جي مسجد 1555ع ۾ محمود شاهه بن مظفر شاهه بيگڙي تعمير ڪرائي هئي. يعني پاري ننگر کان 350 ورهيه پوءِ تيار ٿي هئي، جنهن جا آثار پنهنجي اوج جي تاريخ جو ٻڌائين پيا. هن تاريخي شهر سان سڏونت- سارنگا جي عشق جو داستان مشهور آهي، جنهن کي هتان جي مقامي شاعرن/ ڪوين خوب ڳايو آهي، روايت آهي ته پاري ننگر ۾ راجا ساليواهن راڄ ڪندو هو. کيس سڏونت نالي هڪ پٽ هو ۽ سارنگا جين ڌرم جي هڪ وڏي امير واپاريءَ جي نياڻي هئي. جنهن جو ننڍي وهيءَ ۾ سڏونت سان گهاٽو سنيهه ٿي ويو. جڏهن سارنگا سورهن جي وهيءَ ۾ پير پاتو، تڏهن مائٽن سندس جين (ڏارا ننگري) جي هڪ امير واپاريءَ جي پُٽ سان شادي ڪرائي ڇڏي، پر سڏونت جي سڪ سارنگا جي سيني ۾ اهڙو ته اونهو گهاءُ ڪيو هو جو هُو پارڪر جا پوٺا ڇڏي سندس پويان وڃي اُجين کان نڪتو.


لفظ پاري نگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو