پارٽي: گهڻن ميمبرن واري جماعت، اها جماعت جيڪا پنھنجي اڳواڻ جي فڪر ۽ فلسفي موجب ملڪي انتظام ترتيب ڏئي ۽ قانون جوڙي. پارٽيءَ جي جوڙجڪ عام ماڻهن مان چونڊيل ذهين فرد ڪندا آهن ۽ چونڊن ۾ حصو وٺي، اسيمبليءَ ۾ گڏ ٿي بحث مباحثي بعد عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ رٿون ڏئي قانون ٺاهيندا آهن. ڪنهن بہ ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ پارٽيون ٿي سگهن ٿيون، پر گهڻو ڪري حڪومت جا اختيار اڪثريتي پارٽيءَ وٽ هوندا آهن. سنڌ صوبي ۾ هن وقت پيپلزپارٽي گهڻائيءَ واري پارٽي آهي ۽ ٻين پارٽين ۾ مسلم ليگ (ف)، مسلم ليگ (ق)، متحدہ قومي موومينٽ ۽ مسلم ليگ (ن) وغيرہ شامل آهن.