پارپتي ٽيڪچند گدواڻي

پارپتي ٽيڪچند، گدواڻي: سنڌ جي هيءَ سماجي ۽ تعليمي خدمتگار نياڻي، 1 جنوري 1906ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. هن جو مشھور گدواڻي خاندان سان واسطو هو، جنهن خاندان انگريزن خلاف آزاديءَ جي جدوجھد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو هو. پارپتي ’ڀاڳناڙي ڪنيا ودياشالا ڪراچيءَ‘ جي هيڊماسترياڻي هئي. هن جي اڻٿڪ ڪوششن سان ڪراچيءَ جي اولڊ ٽائون جي ڪيترن ڪميونٽي هالن ۾ ’چرخا ڪلاس‘ ۽ ’کاڌي ٺاهڻ جا مرڪز‘ قائم ٿيا. هيءَ 1931ع ۽ 1942ع ۾ ترتيبوار هڪ سال ۽ ٽن سالن لاءِ جيل ۾ رهي. پارپتي سنڌ ۾ ٻالڪن جي ٻاريءَ جي بنياد وجهندڙن مان هئي ۽ ان لاءِ هن دادا شيوڪ ڀوڄراج سان گڏجي ڪم ڪيو. هوءَ 1930ع ۾ ٻالڪن ٻاريءَ جي صدر ٿي ۽ 50 سالن تائين ٻارن جي ڀلائيءَ ۽ فلاح بھبود لاءِ جاکوڙ ڪيائين. سندس اڻٿڪ ڪوششن سان ٻالڪن جي ٻاري جون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاخون قائم ٿيون ۽ ان مقصد لاءِ هن سنڌ جا تمام گهڻا ڳوٺ گهميا ۽ گشت ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.01.01  عيسوي

سنڌ جي هيءَ سماجي ۽ تعليمي خدمتگار نياڻي، 1 جنوري 1906ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو سلطان احمد ڊاڪٽر
چوڌري فضل الاهي
ٽلومل آڏواڻي
تسائي لون
ڀاڳت عالي فقير
حاجي عبدالستار
انيس فاطمہ سومرو ڊاڪٽر
عزيز سانگي
ريجهه علي شاھہ ثالث
ساڌو هيرانند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون