پارڪر

پارڪر: سنڌ جو هيءَ خطو ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌ جي ڏکڻ اڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي. هڪ روايت موجب پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ اڳي سامونڊي کاري هو. جيڪا اچڻ وڃڻ لاءِ ماڻهن کي پار ڪرڻي پوندي هئي، تنهنڪري ان کي چوندا هئا ”پار اُڪر“. ان بابت هڪ ٻي ڏند ڪٿا مشهور آهي، جنهن موجب اهو نالو ’پاراسر‘ نالي رشيءَ تان پيل آهي. پاراسر رشيءَ ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدري جي ويجهو هڪ هند پسند ڪري، اتي پنهنجي اکنڊ تپسيا ڪئي هئي، جنهن دوران هُو هڪ هزار سالن تائين پير جي هر هڪ آڱر تي بيٺو هو.پارڪر واري ڀاڱي ۾ وڏو رڻ به آهي، جنهن بابت هڪ راءِ آهي ته اڳي هتي سمنڊ هوندو هو، جيڪو ڪنهن وڏي زلزلي سبب پوئتي هٽي ويو ۽ وارياسو رڻ وجود ۾ آيو. پارڪر کي ٿر جي طبعي ڀاڱن جي لحاظ سان ”ڪنٺو“ به چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي ڪَسَ يا ڳچي. ’ڪس‘ جو لفظ به ’ڪس‘ مان نڪتل آهي. انساني جسم جي ’ڪڇ‘، بغل جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هتي جي زمين سنئين ۽ ڪڪرالي آهي ۽ ٿر وانگر واريءَ جون ڀٽون ڪين آهن ۽ رائو ۽ اڇي مِٽِي گهڻي آهي. سورنهن ميلن ۾ پکڙيل ڪارونجهر جبل به پارڪر ۾ آهي. جنهن لاءِ عام چوڻي مشهور آهي ته ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو“. هن جبل ۾ قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون، جي هتي جي ماڻهن لاءِ دوا طور ڪم اچن يٿون. مثلاً: کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر، شو جٽي، اُٺ ڪنٺي، اُٽنگڻ، لاجنوتي، گوگڙو وغيره. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن تپش جام ٿيندي آهي ته گندرف موجود هئڻ ڪري جبل مان وڏا ٺڪاءَ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ هڪ سال اڳ هتان جي ڪافي ٽڪرين ۾ باهه به لڳي هئي. هتي جي هر ٽڪريءَ، هر ماڳ، هر مڪان جي پنهنجي الڳ تاريخي حيثيت آهي. هندن جي مهاڀارت ۾ به هن ٽڪريءَ جو ذڪر ڪيل آهي ته جڏهن ڪوروَن، پانڊوَن کي 13 سالن لاءِ ديس نيڪالي ڏني هئي ته پانڊوَ ڪجهه عرصي لاءِ ڪارونجهر ۾ به رهيا هئا. جتي ڀيم گوڏا، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ وغيره مشهور آهن. برسات جي موسم ۾ جبل تان اٿاهه پاڻي درياهه جيان وهي هلندو آهي. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي نديون/ نئنيون به ڪارونجهر مان وهن ٿيون، جيڪي پارڪر جي ڪيترن ئي علائقن کي سرسبز ڪنديون ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. ڪارونجهر جبل ۾ سيار، گدڙ، جرک، مور، سارس، سها، هرڻ ۽ ٻيا جانور ۽ پکي رهندا آهن. ان کان سواءِ هن خطي ۾ ننڍيون ننڍيون جابلو ٽڪريون به آهن، جيئن ڏونگري، ڏيڻسي، راڻپَر، چُوڙئي جي ٽڪري، کارسر جي ٽڪري وغيره. پراڻا آستان جهڙوڪ: ساڙدرو، الک واوَ (لڪل کوهه)، انچليشور (چشموڀيم گوڏا، گئو مُکي، پنراج گڍ، چندڻ گڍ، ٻاين جو ٻيسڻو، جهرڻو ۽ ڀونئرو وغيره به ڪارونجهر جبل ۾ آهن. 1859ع ڌاري ننگرپارڪر ۾ انگريزن جي حڪومت جي خلاف، بغاوت پکڙي. مقامي طرح اُتي راجپوت ’راڻن‘ جو راڄ هو. انگريزن جي پوليس اهلڪارن جو دستو مقامي بغاوت کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. راڻي کي 14 سالن جي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ۽ سندس وزير کي 10 سالن جي سزا ڏني وئي. انگريزن سان جن ماڻهن مدد ڪئي، تن کي زمينون مليون. انهيءَ ڇاپا مار ويڙهه ۾ راڻن جي لشڪر ۾ سندن راڄ جا ڪولهي هئا، جن ۾ روپلي پنهنجي جان ڏيئي پاڻ ملهايو (وڌيڪ ڏسندا: روپلو ڪولهي، ايندڙ جلد) ۽ سندس نالو اڄ به پارڪر جي ڪارونجهر ۾ ’مور جي ٽهوڪي‘ وانگر پيو گونجي. پارڪر ۾ عموماً پارڪري ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. هتي سڀ کان وڌيڪ ڪولهي رهن ٿا. جيڪي ٻني ٻارو ۽ هارپو ڪن ٿا (وڌيڪ ڏسو: ٿر- جلد ٻيو).


لفظ پارڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو