پاشا

پاشا: هي ترڪي ٻوليءَ جو عزت ڀريو لقب آهي، جيڪو ڪنهن وقت ۾ ترڪ حڪمرانن جو لقب هو، جيڪو لقب 1934ع ۾ ان معنيٰ جي حوالي سان رد ڪيو ويو. 1952ع تائين اهو لقب اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ بہ استعمال ٿيندو رهيو. هي لقب تيرهين صديءَ عيسويءَ ۾ آقا جي معنيٰ طور استعمال ڪيو ويندو هو، بعد ۾، انهيءَ معنيٰ ۾ ان جو استعمال ختم ڪيو ويو. هيءُ لقب مذهبي ماڻهن کي وقت بوقت ڏنو پئي ويو آهي. هيءُ لفظ ”شاھہ“ جي نعم البدل طور بہ ڪم ايندو رهيو آهي، هي لقب ترڪستان ۽ مصر جي حاڪمن جو لقب بہ رهيو آهي. هيءُ لقب صرف فوجين لاءِ ئي استعمال نہ ٿيندو هو، بلڪہ ڪن غير فوجين ۽ ديواني آفيسرن کي بہ هن لقب سان نوازيو ويندو هو. هيءُ لفظ ڪن حالتن ۾ عورتن لاءِ بہ استعمال ٿيندو هو. ائين محسوس ٿئي ٿو تہ پاشا جو لقب تيرهين صديءَ جي آخر ۾ خاص ماڻهن جي نالن سان شامل ٿيو، جيڪي ايشيا ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ڪيو ويٺا هئا. عثمانين ۾ بادشاهن کي ’پاشا‘ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. پاشا جو لقب ابتدا کان ئي حڪمرانن کي ڏنو ويندو هو. ڪجهہ وقت کان پوءِ پاشا جو لقب ٻن منصبن وارن، يعني صوبي جي اميرالامراءِ ۽ وفاقي وزيرن لاءِ بہ استعمال ٿيڻ لڳو. هڪ اهڙو زمانو بہ آيو، جو پاشا جو لقب وزير لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. سليم پاشا جي سلطنت ۾ يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جون ڇويھہ ولايتون هيون، جيڪي هڪ سؤ ٽيهن علائقن تي مشتمل هيون، جن کي صوبو چوندا هئا. هر ولايت جو حـاڪم هڪ ’پاشا‘ هوندو هو. اهڙي پاشا جو منصب هڪ وزير جي منصب برابر هوندو هو. پاشائن جي مقرري هر سال ڪئي ويندي هئي، پر جيڪڏهن ڪو پاشا ايترو طاقتور هوندو هو، جو ان کي برطرف ڪرڻ ۾ ’باب عاليءَ‘ کي بغاوت جو انديشو محسوس ٿيندو هو، يا ڪو پاشا ديوان عاليءَ جي ڪن وزيرن کي پنهنجو طرفدار بڻائي رکندو هو تہ اُُهو ڪيترا سال يا وري سڄي عمر پنھنجي عهدي تي دائم ۽ پاشا جي لقب سان قائم رهندو هو. انتظامي معاملن ۾ پاشا جي مدد لاءِ ’باب عاليءَ‘ طرفان ٻہ يا ٽي ماڻهو مقرر ڪيا ويندا هئا. سلطنت عثمانيه جي خاتمي تي انهن سڀني عهدن تان پاشا جو نالو ختم ڪري صرف فوج جي سربراھہ لاءِ استعمال ڪيو ويو، پر 1934ع کان فوج ۾ ’پاشا‘ جي جڳھہ ’جنرل‘ لفظ ورتي.


لفظ پاشاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو