پالي (Pali) (ٻولي ):هيءَ ٻڌ ڌرم وارن جي مذهبي ۽ مقدس ٻولي آهي، جنهن ۾ ٻوڌي نوشتا ۽ ڪتاب لکبا هئا. هيءَ ٻولي اڄڪلھہ ڪٿي بہ ڳالهائي نہ ٿي وڃي، صرف مذهبي جنترن منترن يا ڏڻن تهوارن تي ڪم اچي ٿي. هندوستان، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪيترن پراڻن وهارن ۾ هيءَ ٻولي اڪريل ملي ٿي. ٻڌ ڌرم جو سڄو ادب هن ٻوليءَ ۾ لکيل ملي ٿو. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني ۽ هند- آريائي ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ ٻولي پالي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي، جيڪا ديوناگريءَ تان ورتل آهي. جڏهن سنسڪرت ٻولي ٻيهر رواج ۾ آئي تہ هن ٻوليءَ جو اوج ختم ٿي ويو. هن ٻوليءَ جو مرڪز سريلنڪا آهي، جتي ڪي ’پالي‘ عالم بہ ملن ٿا، مگر ٿورا. سريلنڪا جي تاريخ بہ هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي.