پاليان

پاليان: دراوڙي نسل جا هي لاڏائو ماڻهو ڏکڻ هندستان جي تامل ناڊو ۽ ڪيرالا جي جهنگلي ۽ جابلو علائقن جا رهواسي آهن. هي گهڻو ڪري جبلن ۽ جهنگن مان شڪار کان سواءِ ڪاٺ گڏ ڪرڻ ۽ ماکي ميڙڻ جو ڪم ڪن ٿا. هنن جو خاص کاڌو ڪچالو (Yams) آهي. 20 صدي جي شروعات ۾ هي قبيلو لڏ پلاڻ ترڪ ڪري ٽاڪرو ڇپرن ۽ غارن جي مُنهنَ ۾ پنهنجا اجها اڏي ويٺو آهي. نہ تہ گهڻو ڪري لڏپلاڻ ۾ ئي زندگي گذاري ڇڏيندو هو. هاڻي گهڻن پاليارن ٻيلي جون شيون جيئن: ماکي، کنوئر، ڪاٺ، ڇوڏا ۽ ٻوٽيون کڻي شھر ڏي واپار جو جو سانگو ڪيو آهي. ماکيءَ جون مکيون بہ پالين ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي پوک بہ ڪرڻ لڳا آهن. هن وقت اٽڪل 500 خاندان اڊيڪي ضلعي ڪيرالا ۾، 400 خاندان ڪمبيچر ضلعي تامل ناڊو ۾ رهن ٿا. تامل ناڊو حڪومت ڪن خاندانن کي ڪرنجي نگر ۾ گهر ٺهرائي ڏنا آهن، پوءِ بہ ڪيترا پاليار بنا گهرن جي رهن ٿا. پليارن جو مستقبل اونداهو آهي، جو ٻيلا ڪٽجي رهيا آهن ۽ انهن کي قبضا ڪري زور آور ماڻهو پوکون ڪري رهيا آهن. پليارن تي هن وقت تمام گهڻي تحقيق ٿي رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


ماڻهو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاليان
ماڻهو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون