
پالڪ جي تصوير
پالڪ Spinach/ Spinacia oleracea: پالڪ هڪ قسم جي سبزي يا ترڪاري آهي، جيڪا سرديءَ جي مند ۾ ٿيندي آهي، پالڪ ۾ وٽامن اي، بي، سي، نمڪيات، لوھہ ۽ ڪئلشيم گهڻي انداز ۾ موجود آهي. پالڪ جي ڪِن قسمن جو اصل وطن عربستان چيو وڃي ٿو. روايت آهي تہ جڏهن عربن اسپين فتح ڪيو تہ پالڪ ان ملڪ ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ پکڙي. پالڪ جا ٻہ قسم مشھور آهن. هڪڙي ولائتي پالڪ، جنهن جا پن وڏا گول ۽ ڳاڙهسري رنگ جا ٿين ٿا. پالڪ جو هيءُ قسم سڄو سال پوکجي ٿو ۽ پيداوار گهڻي ڏيندو آهي. پالڪ جو ٻيو قسم سنڌي يا ڪلڇڻ پالڪ آهي، جيڪا فقط سياري جي موسم ۾ ٿيندي آهي. هن قسم جي پالڪ جا پن ننڍا چھچ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. ديسي پالڪ فقط ربيع جي موسم ۾ پوکي ويندي آهي. سنڌ ۾ پالڪ سادي بہ رڌبي آهي تہ بِهن، پٽاٽن ۽ گوشت سان گڏ بہ رڌبي آهي. سيئل مڇيءَ ۾ بہ پالڪ وجهبي آهي. طبي لحاظ کان هيءَ جلد هضم ٿيندڙ ۽ تاثر ۾ ٿڌي آهي. گرم ۽ خشڪ طبيعت وارن لاءِ وڏي فائديمند آهي. تجربن کان پوءِ معلوم ٿيو آهي تہ پالڪ ۾ فولاد ۽ ڪئلشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. پالڪ رت وڌائڻ لاءِ بھترين غذا آهي.