
پالڪ جوهي جي تصوير
پالڪ جوهي: هن ٻوٽي کي لاطيني ۾Rhinacanthus Communis ، فارسي ۾ گل بگله، سنسڪرت ۾ يوٿڪاپرني ۽ هندي ۾ پالڪ جوهي چيو وڃي ٿو. هيءَ Acanthaceae آڪھہ سان تعلق رکي ٿي. هي هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. جيڪو 1.5 کان 1.9 ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن جا پن پنج کان ڏھہ سينٽي ميٽر ڊگها ۽ ٻہ کان پنج سينٽي ميٽر ويڪرا ٿين ٿا. ڏانڊيون اٺ کان تيرهن ملي ميٽر ۽ ٻج اڍائي ملي ميٽر هوندا آهن. هن جي پنن ۾ بدبوءِ هوندي آهي. هن جا پن سنها، نرم ۽ ذائقي ۾ معمولي ڪڙا هوندا آهن. دوائن ۾ گهڻو ڪري هن جي پاڙ استعمال ٿيندي آهي. هي سنڌ ۾ بہ ٿئي ٿي.