
پال سيزان جي تصوير
پال سيزان: پال سيزان هڪ مشھور مصور ٿي گذريو آهي، جيڪو 1839ع ۾ فرانس جي هڪڙي ننڍي شھر ايڪسن ۾ ڄائو. هو شروع کان ئي ڳنڀير ۽ سنجيدہ طبيعت جو مالڪ هو. ننڍپڻ کان ئي هن کي قدرت جي حسين منظرن، رنگن ۽ کليل ميدانن ۾ گهمڻ سان دلچسپي هئي. سيزان جي سنگت شاعرن، اديبن ۽ موسيقارن سان هئي. هن جي دوستن ۾ ايمائل زولا بہ هو، جيڪو بعد ۾ هڪ وڏو ناول نگار بڻيو. هيءُ ايڏو تہ محو ٿي ويندو هو، جو قدرتي منظرن (Landscape) ۾ هن کي عجيب و غريب خاڪا ۽ شڪليون نظر اچڻ لڳنديون هيون. وڻ، ٻوٽا، گهر، ماڻهو جاميٽريڪل خاڪن جي صورت ۾ هن آڏو مختصر ٿي سامهون ايندا هئا ۽ اهڙي ئي قسم جون جاميٽري نما شڪليون ۽ چِٽَ (Motif) هن جي تصوير جا اهم عنصر بڻجي ويا. سيزان قدرتي منظر يا ڪنهن ٻئي موضوع کي جاميٽري نما شڪلين ۾ اهڙي تہ نزاڪت ۽ خاص ترتيب سان پيش ڪندو هو، جو تصوير ۾ هڪ قسم جي هلچل ۽ زندگيءَ جي احساس وارو تاثر اڀري ٿو اچي. مصوريءَ ۾ اهڙو جديد اسلوب تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تخليق ٿي رهيو هو، جنهن ۾ قدرتي منظرن جي هوبهو عڪاسي بدران صرف ماحول جي خوشبو ۽ تازگيءَ کي مختصر ڪري هڪ خاص انداز سان پيش ڪيو پئي ويو. سيزان جو چوڻ هو تہ سڄي ڪائنات ٽن بنيادي شڪلين ۾ ٺهيل محسوس ٿئي ٿي، هڪ چورس (Square)، ٻيو ٽڪنڊو (Triangle) ۽ ٽيون گول (Sphere) جن ۾ دنيا جي سڀني شڪلين کي سمائي سگهجي ٿو. 1860ع ڌاري جڏهن سيزان پنھنجي جديد تصورن ۽ ايجادن کي هڪ نمائش ۾ آندو تہ کيس ڪا خاص موٽ نہ ملي، پر هو مايوس نہ ٿيو. سيزان جي چترڪاريءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هن پنھنجي جديد خيالن ۽ تجريدي مصوريءَ جي انداز کي سچن جذبن سان اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ تصويرن ۾ سندس مزاج ۽ شخصيت جو عڪس نظر اچي ٿو. هن پنهنجن جديد خيالن ۽ مصوريءَ جي نئين انداز کي جِدت ۽ آزادگيءَ سان اجاگر ڪيو آهي. سيزان جي مصوريءَ جي شروعات ”امپريشن ازم“ وارن مصورن جي صحبت ۾ ٿي، جن ۾ سندس پڪاسو (Picasso) سان سندس خاص ناتو رهيو. گهڻي وقت تائين سيزان ۽ پڪاسو ٻنهي گڏجي قدرتي منظرن جي مشاهدي خاطر گهمي ڦري تصويرون تخليق ڪيون. هو پڪاسو جي چترڪاريءَ کان گهڻو متاثر بہ هو، خاص ڪري پڪاسو جي قدرتي حسن واري رنگن ۽ ڪينواس جي ناهموار سطح تي شڪلين جي جوڙجڪ ۽ ترتيب واري فن کان پاڻ واقف هو. سيزان جي برش اسٽروڪن ۾ جيڪو استحڪام ۽ پختگي نظر اچي ٿي، اها پنهنجو مثال پاڻ آهي.سيزان جي تصويرن ۾ جاميٽري نما شڪلين ۽ چِٽَن، رنگ، تصويرن جي جوڙجڪ ۽ ترتيب هڪ خاص انداز سان پيش ٿيل آهي، جنهن ۾ تصوير جو هر هڪ حصو هڪ ٻئي سان جڙيل نظر اچي ٿو. بلڪہ ائين کڻي چئجي تہ تصوير جو هڪ حصو هڪ ٻئي سان سوال جواب واري انداز سان سلسليوار هلندو ٿو رهي. سيزان جي مصوري احساسن ۽ جذبن جي مجموعي تاثر جي حوالي سان ايندڙ جديد مصورن لاءِ هڪ روشن مثال وانگر ثابت ٿي. 20 هين صديءَ جي مصورن خاص ڪري پڪاسو، مٿيس، ڪينڊنڪسي وغيرہ جي مصوريءَ ۾ سيزان جي جديديت جو اشارو واضح طور ملي ٿو.