پاناما نهر

پاناما نهر

پاناما نھر

پاناما نھر (Panama Canal ):اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا وچ ۾ اها نھر انساني سائنسي سوچ، فڪر ۽ محنت جو هڪ شاهڪار آهي، جنهن اُتر سانتيڪي مهاساگر ((North Pacific Ocean) ۽ اُتر ائٽلانٽڪ مهاساگر (North Atlantic Ocean) کي ملائي، آمريڪا جي ٻنهي حصن جي بحري سفر جي رستي کي مختصر ڪيو. پاناما نھر جي جاگرافي، ڏکڻ ڪوسٽاريڪا (South of Costarica) ۽ اتر ڪولمبيا (North of Colombia) آهي، هي ڏکڻ ڪيرولينا (South Carolina) ڏانهن ٿوري سوڙهي ٿئي ٿي. اولھہ ڏانهن جابلو سلسلو آهي. جتي وڏا ٻيلا ۽ ڪئريبيئن سمنڊ (Carribean Sea) جي زرخيز زمين موجود آهي. پاناما نھر ٻن دورن ۾ مڪمل ٿي، 1859ع کان 1869ع وارو دور جـنـهـن ۾ فـريــنچ آبـي انـجنيـئـر فـرڊيـننـڊ دي ليـسيـپس (Ferdinand De Lesseps) سروي جو ڪم شروع ڪرايو، پر هو پيلي بخار ((Yellow Fever جو شڪار ٿي ويو، هي اهو ساڳيو انجينئر هو، جنهن مصر ۾ نهرِ سويئز (Suez Cannal) کوٽرائي هئي. ٻئي مرحلي ۾ هڪ بحري انجينئر ’ٿيوڊور روزويلٽ‘ (Theodorre Rosevelt)سال 1881ع کان 1888ع تائين ڪم ڪري هن کي مڪمل ڪيو ۽ ٻيو دفعو ڪم 1904 کان 1914ع جي وچ ۾ اميرڪنس پورو ڪرايو. هن ڪم ۾ 9703 ماڻهن حصو ورتو. هن تي وڏو ناڻو خرچ آيو. هن نھر پاناما جي ڊيگهہ 80 ڪلوميٽر 51 ميل آهي. سرد جنگ (Cold War) واري دؤر ۾ سياسي طرح سان انهيءَ پاناما نھر جي وڏي اهميت هئي .


لفظ پاناما نھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو