پاند/ پاندُر: ڀاڄين يا ڪمند جي چوٽيءَ وارا پن، جيڪي مال کي چاري طور ڏنا ويندا آهن. شاعرن ’پاند‘ لفظ پنهنجي شاعريءَ ۾ به استعمال ڪيو آهي. شاهه جو بيت آهي ته:
سَرِ نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسن سُکائون ڪيون!
پاند، ڪپڙي جي پلوَ کي به چئبو آهي، هڪ مشهور ڪلام آهي:
منهنجي لاءِ مارو، رُنا ڪيئن نه هوندا،
پلوَ پاندَ تن جا، ڀِنا ڪيئن نه هوندا.