پانيل: هڪ قسم جو سرهو گاھہ ، جيڪو جبلن ۽ وارياسن پٽن تي پيدا ٿئي ٿو . طبي لحاظ سان دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي . حڪيمن موجب گهاٽي رت کي صفا ڪندڙ آهي . ڦٽن ڦرڙين ۽ بدن جي خارش لاءِ انهيءَ گاھہ جو ڪاڙهو ڪيو ويندو آهي . ڪپڙن کي خوشبوءِ دار ڪرڻ لاءِ هي گاھہ ڪپڙن ۾ وجهي رکبو آهي . دروازي ۾ لڳل وچين تختن کي بہ پانيل چيو ويندو آهي ، جن تي چِٽ يا اُڪر جو ڪم بہ ڪيو ويندو آهي .