
پانڊون جي خيالي تصوير
پانڊوَ: هندستاني قديم ادب ۾ هندُن جي ڌرمي ڪتاب طور ’مهاڀارت‘ کي اعليٰ حيثيت حاصل آهي. منجهس آڳاٽي دور ۾ ٿيل لڙائي ’مهاڀارت‘ ٻن سؤٽ ڌرين، پانڊوَن ۽ ڪوروَن جي وچ ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ سري ڪرشن جو ڏنل اُپديش ’ڀڳود گيتا‘ بہ شامل آهي. مهاڀارت ۾ بيان ٿيل ڪهاڻيءَ پانڊوُ هستناپور جو راجا ۽ پانڊوَ راجڪمار ڀائرن جو پيءُ هو. پانڊوُ کي ٻہ زالون هيون. ڪُنتي يا پِٿا ۽ مادري، جيڪا مدراس جي راجا جي ڀيڻ هئي. هُو هماليہ جبلن ۾ اڪيلائي ۾ رهندو هو. سندس زالون جيڪي ساڻس گڏ رهنديون هيون، تن مان پنج پٽ ٿيا، جيڪي مختلف ديوتائين سان منسوب هئا. پانڊوُ کين پنھنجي اولاد طور تسليم ڪيو ۽ کين پانڊوَ جو نالو ڏنائين. وڏن ٽن پٽن جي ماءُ ڪُنتي هئي، جڏهن تہ ننڍن ٻنهي جي ماءُ مادري هئي. يڌشٽر (جنهن جي معنيٰ: لڙئيءَ ۾ ثابت قدم) سڀنيءَ ۾ وڏو ڌرمراج جو پٽ هو، جيڪو ثابت قدم، نياءَ ڪار ۽ ساکائتو شخص هو. ٻيو نمبر پٽ ڀيم يا ڀيم سين، هوا جي ديوتا ’وايو‘ جو پٽ هو. هُو طاقت، همت ۽ مقابلو ڪرڻ ۾ بي مثل هو، پر جسم ۾ ٿلهو، چيڙاڪ ۽ ٻٽاڪي هو. هُو ايترو گهڻو کائيندو هو، جو چوندا ئي هئس ’ورِڪودرَ‘ يعني ’بگهڙ جو ڀڀ‘. ارجن (جنهن جي معنيٰ: چِٽو يا چاندي جهڙو)، ٽيون نمبر هو، جيڪو ’اِندر‘ يعني آسمان جي ديوتا جو پٽ هو. هُو مهاڀارت جو هيرو نہ تہ بہ نمائنده ڪردار ضرور هو. هُو پنھنجي مان، مرتبي ۾ بهادرن ۾ بهادر، اعليٰ ذهن رکندڙ، خوش اخلاق ۽ نرم دل هو. چوٿون ۽ پنجون نمبر، نَڪُلَ ۽ شَهديوَ، مادريءَ جا جاڙا پٽَ، سُوريه (سج) جي ٻن جاڙن اَشوَني ڪمارن مان هئا. اُهي بہ بھادر هئا، پر پنهنجن وڏن ڀائرن وانگر اُنهن جو مَٽ نہ هئا.هستناپور جو راجا ڌرتراشٽر، جيڪو پانڊوءَ جو ننڍو ڀاءُ هو، اکين کان نابين هو. کيس سندس زال گانڌاريءَ مان سؤ پُٽ ۽ هڪ ڌي دُهسلا نالي هئي. اهو سمورو اولاد کيس وياس جي آسيس سان نهايت عجيب نموني پيدا ٿيو هو. سندن وڏي ڪوروُ جي پويان اهي راجڪمار ڪوروَ سڏجڻ ۾ آيا. منجهن سڀ کان وڏو دُريوڌن (معنيٰ: جنهن کي لڙائيءَ ۾ ورلي جيتي سگهجي) سڀنيءَ جو مهندار هو ۽ بھادر هئڻ سان گڏ چالاڪ، بغض رکندڙ ۽ هڪ راجڪمار ۾ جيڪي اوڻايون ٿي سگهن ٿيون، اُهي منجهس ڀريل هيون. جڏهن پانڊوَ اڃا ڇوڪرائي هئا تہ سندن پيءُ بہ گذاري ويو، پوءِ کين ڌرتراشٽر جي اڳيان سندس ڀائٽين طور آندو ويو. هُن کين پنھنجي سنڀال هيٺ آڻي ساڻن سٺو ورتاءُ ڪيو ۽ کين پنهنجن پٽن سان گڏ سکيا ڏياريائين. جلد ئي منجهن اختلاف ۽ هڪ ٻئي لاءِ نفرت ظاهر ٿيڻ لڳي ۽ ڇوڪراڻا ضد ۽ مخالف رويا ڪوروَن ۾ نفرت جي صورت ۾ چوٽ چڙهي ويا. اها باھہ تڏهن ويتر ڀڙڪي اُٿي جڏهن ڌرتراشٽر پنهنجو جانشين يُڌشٽر کي پڌرو ڪيو ۽ ساڙ وچان سندس پٽن انهيءَ عمل جي مخالفت ڪئي تہ ڌرتراشٽر پنهنجن پانڊوَ ڀائٽين کي ورناوٽ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. دريوڌن پنھنجي سؤٽن خلاف سازش ڪري سندن گهر کي باھہ ڏياري ڇڏي. پر اڳواٽ اطلاع ملڻ سبب، پانڊوَ اُن باھہ مان بچي نڪتا ۽ برهمڻن جو ويس ڍڪي روپوش ٿي ويا.پانڊوَ جڏهن جهنگل ۾ رهيل هئا تہ اُنهن پانچال جي راجا درُوپد جي ڌيءَ دروپديءَ جي سويمبر (مقابلي) جو ٻڌو. جنهن ۾ کيس راجڪمارن ۽ سورمن مان پنهنجو ورُ (مڙس) چونڊڻو هو. پانڊو، جيڪي برهمڻن جي ويس ۾ لڪيل هئا، پڻ انهيءَ سويمبر ۾ شريڪ ٿيا. ارجن ٻين سورمن ۽ ڪوروَن جي ڀيٽ ۾ مضبوط هو، ڪمان کي موڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پانڊوَ مقابلو جيتي ويا. اهڙي طرح هنن پنهنجو پاڻ کي پڌرو ڪيو ۽ ارجن دروپديءَ کي جيتي ورتو. پنجيئي ڀائر دروپديءَ کي ساڻ ڪري گهر وٺي آيا. اُنهن پنھنجي ماءُ کي خوشخبري ٻڌائي، جنهن حقيقت ڄاڻڻ کان سواءِ کين چيو تہ پاڻ ۾ ورهائي کڻو. ماءُ جي حڪم کان انڪار ڪيئن ٿي سگهيو ٿي، اهڙي طرح دروپدي پنجنئي ڀائرن جي زال بنجي ويئي ۽ اهو طئہ ٿيو تہ دروپدي هر ڀاءُ وٽ ٻہ ٻہ ڏينهن رهندي. اها شادي هڪ خصوصي دليل سان درست چئي ويئي تہ پنج ئي راجڪمار هڪ ئي ديوتا جو حصو آهن، تنهنڪري هوءَ قانوني طور تي فقط هڪ مرد سان شادي ڪري. ماڻهن ۾ ظاهر ٿيڻ سان، پانڊوَن جي موجود هئڻ جي خبي پيئي. جڏهن سندن چاچي ڌرتراشٽر کين درٻار ۾ سڏايو ۽ کين ۽ پنهنجن پٽن وچ ۾ راڄ ورهائي ڏنو. سندس پٽن کي حصي ۾ هستناپور مليو. جڏهن تہ سندس ڀائٽين کي جمنا نديءَ ٻڌل موجودہ دهليءَ جي ڀرسان اندر پرسٿ مليو، جنهن جو نالو اڄ بہ قائم آهي. هستناپور ۽ اندر پرسٿ جي هڪ ٻئي جي ڀرسان هجڻ مان پتو پوي ٿو تہ ڌرتراشٽر جي راڄڌاني ڪيڏي نہ بهتر هوندي. يڌشٽر جو دور انصاف ۽ ڏاهپ ڀريو هو. جڏهن هن ٻيا گهڻا مُلڪ جيتي ورتا تہ هن ’راج- سوُيه يگيه‘ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙي طرح هڪ آفاقي راج يا گهٽ ۾ گهٽ ’راجائن جي راجا‘ ٿيڻ جو اعلان ڪيائين. انهيءَ ڳالھہ ڌرتراشٽر جي پٽن ۾ نفرت پيدا ڪري ڇڏي، جن پنھنجي پيءُ تي پانڊون کي هستناپور آڻڻ لاءِ زور ڀريو. ڪورون سازش ڪري يڌشٽر کي جوا کيڏڻ تي آمادہ ڪيو. سندس مدِ مقابل ڪوروَن جو چاچو سَڪُني هو، جيڪو هڪ وڏو جواري ۽ ٺڳ هو. يڌشٽر جوا ۾ پنھنجي ملڪيت، محل، راڄ، ڀائر، پاڻ ۽ آخر ۾ پنھنجي زال هارائي ويٺو. دروپديءَ کي غلامن وانگر درٻار ۾ آندو ويو ۽ جڏهن هوءَ ٻاهر وڃڻ لڳي تہ دريوڌن جي ڀاءُ دُشاسن کيس وارن کان جهلي واپس گَهيلي آندو، جنهن تي ڀيم سندس رت پيئڻ جو قسم کنيو. دريوڌن بہ سندس ران تي ويهڻ سان کيس بيعزت ڪيو ۽ ڀيم قسم کنيو تہ هو سندس اُها ران ڪٽي کانئس بدلو وٺندو. اهي ٻئي قسم هن پورا ڪيا. ڌرتراشٽر جي مداخلت ۽ حڪم تي يڌشٽر کي ڇڏيو ويو. پر هو ٻيهر ان شرط تي راند ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو تہ جيڪڏهن هارايائين تہ کيس ۽ سندس ڀائرن کي ٻارهن سالن تائين جهنگل ۾ جلاوطن ٿي رهڻو پوندو ۽ تيرهون سال کيس برهمڻ جي حيثيت ۾؛ ڀيم کي بورچيءَ جي حيثيت ۾؛ ارجن کي سنگيت ۽ ناچ جي اُستاد جي حيثيت ۾؛ نَڪُل کي گهوڙي کي سکيا ڏيندڙ جي حيثيت ۾؛ ۽ سهديو کي ڌنار جي حيثيت ۾ وراٽ راجا جي نوڪريءَ ۾ ۽ دروپدي کي راڻيءَ سُديشنا جي نوڪرياڻي ۽ سيبو ٽوپو ڪندڙ عورت جي حيثيت ۾ ٿي رهڻو پوندو. پنجن ئي ڀائرن پنهنجا ٻہ ٻہ نالا رکيا. هڪڙا اُهي، جيڪي هُو پنھنجي لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ ٻيا اهي جيڪي عام ماڻهن ۾ ڄاتا ويندا هئا. يڌشٽر جو خانگي نالو جئہ هو ۽ ماڻهن ۾ ڪَنڪ؛ ڀيم جئنت ۽ بَلوَ هو؛ ارجن جا نالا وِجئه ۽ برِهن نل هئا؛ نَڪَل جا نالا جئہ سين ۽ گرنٿِڪا هئا ۽ سهديو جا نالا جئہ بالا ۽ ارِشتا نيمي واپاري هئا. دروپديءَ کي خوبصورت ڏسي، راڻيءَ جو ڀاءُ ڪِچَڪ، جيڪو حڪومت جو مُک ماڻهو هو، هن ڏانهن بُري نظر رکي وڌيو تہ ڀيم کيس ماري ڇڏيو. اگني سنسڪار جي رسم ادا ڪرڻ وقت، ڪچڪ جا مائٽ دروپديءَ کي چِکيا ۾ ساڙڻ وارا هئا، تہ ڀيم، جيڪو گنڌروَ (سنگيتڪار) جي شڪل ۾ هو، وڌي اچي کيس بچائي ورتو. جلاوطنيءَ جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ پانڊوَن پاڻ پڌرو ڪيو ۽ ارجن جي پٽ اڀيمنيو کي راجا پنھنجي ڌي اُترا شادي ڪرائي ڏني. هاڻي پانڊون فيصلو ڪيو تہ هو پنهنجو راڄ واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪندا. وراٽ راجا سندن حمايتي ٿي بيٺو، ۽ لڙائيءَ جون تياريون شروع ٿيڻ لڳيون. سڀني طرفن کان اتحادين جي مدد ورتي ويئي. ڪرشن ۽ ٻلرام، ٻنهيءَ ڌُرين جا رشتيدار هئا، تنهنڪري وڙهڻ کان پاسو ڪيائون. ارجن ۽ دريوڌن کي سري ڪرشن چيو تہ کيس يا تہ بنا هٿيارن جي پاڻ سان کڻن يا پوءِ وڏو لشڪر. ارجن پنھنجي پاسي سري ڪرشن کي کنيو ۽ دريوڌن خوشيءَ سان پنھنجي لاءِ لشڪر جي چونڊ ڪئي. ڪرشن پنھنجي دوست جو سارٿي (جنگي گهوڙي گاڏي هلائيندڙ) ٿيڻ قبوليو. انهيءَ حيثيت سان ان دهليءَ جي اُترئين ميدان ڪُروکيتر ۾ جڏهن پانڊوَن ۽ ڪوروَن جون ٻئي مخالف ڌريون ويڙھہ ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان دوبدو ٿيون تہ سري ڪرشن ’ڀڳود گيتا‘ (ايشوري گيت) ذريعي ارجن کي سکيا ڏني. دريوڌن جي فوج ۾ دروڻاچاريه سندس فوجي صلاحڪار؛ انگ ۽ ساکيا جي راجا ڪَرڻ، مدرا جي راجا ۽ مادريءَ جي ڀاءُ جي ڪمان سندس چاچي ڀيشم پتامھہ جي هٿ هيٺ هئي. ارجن، ڀيشم پتامھہ کي زخمي ڪري وڌو، جيڪو ڪجهہ وقت لاءِ زندھہ رهيو. پر ٻيا سڀ هڪٻئي پويان جان جي قرباني ڏيندا ويا ۽ آخر ۾ دريوڌن سان فقط ٽي ڪوروَ سورما- ڪرپا، اشوَٿاما ۽ ڪرت ورما وڃي بچيا. ڀيم ۽ دريوڌن هڪٻئي سان مقابلو ڪيو ۽ ڀيم سندس ٽنگ زخمي ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو. باقي بچيل ٽنهي ڪوروَن رات جو پانڊون تي حملو ڪيو ۽ پانڊوَن جا ٻار ماري ڇڏيائون، جڏهن تہ پنجئي پانڊو بچي ويا. پوءِ يڌشٽر پنھنجي ڀائرن سان گڏجي هستناپور ويو، جتي سندس راڄ گديءَ تي ويهڻ جي رسم ادا ڪئي وئي، پر هو ڪجهہ مايوس هو جو سندس ڪيترائي مٽ مائٽ ۽ دوست لڙائي ۾ مارجي ويا هئا. جلد ئي هن راڄ گدي سنڀالي اشوَ ميگهہ يگيه ادا ڪيو ۽ سڀئي امن ۽ شانتيءَ سان رهڻ لڳا. پوڙهو نابين راجا ڌرتراشٽر پنهنجن پٽن خاص ڪري دريوڌن جي موت کي وساري نہ سگهيو ۽ نہ ئي معاف ڪري سگهيو. ڀيم ۽ سندس وچ ۾ سندس زال گانڌاري ۽ پانڊوَن وچ ۾ ۽ ڪجهہ وزيرن سان تلخ ڪلامي ٿيندي رهندي هئي. اُهي پوءِ جهنگل ۾ وڃي رهيا ۽ ٻن ورهين کان پوءِ اُتي جهنگ کي وڏي باھہ لڳڻ سبب پاڻ اُن ۾ سڙي خاڪ ٿي ويا. آخر ۾ گهري رنج ۽ اُداسيءَ ۾ گهيرجي پانڊوَ ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ سندن وڏو ڀاءُ يڌشٽر راڄ گدي تياڳي پنهنجن ڀائرن سان گڏ هماليہ جبل يعني: ميرو جبل اِندر جي سرڳ ڌام ڏانهن هليو ويو. ساڻس هڪ ڪتو هو، جيڪو هستناپور کان سندس پُٽ وٺي آيو هو. پانڊوَن جي ڪهاڻي اصل ۾ مهاڀارت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا هندو ڌرمي روايتن جو بنياد آهي، جنهن ۾ وقت بوقت ٻيون ڪهاڻيون بہ ڳنڍجي ويون ۽ تخيل جي قوت سان وڌيڪ سگهارو ڪيو ويو. محققن جو خيال آهي تہ ڀڳود گيتا ۽ ٻين ڪهاڻين سان گڏ نل جي ڪهاڻي بہ پوءِ واري زماني ۾ ڳنڍي وئي آهي. مهاڀارت جي زماني بابت پڪ سان ڪجهہ نٿو چئي سگهجي. مهاڀارت جي سهيڙيل ڪم کي عام طرح رامائڻ کان هڪ صدي پوءِ جو سمجهيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اِن ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڪهاڻيءَ جو ساڳيو ڌاڳو ۽ واقعا جيڪي سڌي طرح اِن سان ڳنڍيل آهن، اُهي اويرگاٿا(Epic) جي ڪهاڻي ۽ اُن جي واقعن کان اڳئين وقت جا آهن. مهاڀارت جو مڪمل متن ٻہ ڀيرا انگريزيءَ ۾ هندستان ۾ ڇپيو ۽ فرينچ زبان ۾ M. Fanche جو مڪمل ڪيل ترجمو سندس وفات کان پوءِ ڇپيو. سنڌيءَ ۾ تيجورام روچيرام شرما جو ’مختصر مهاڀارت‘ پهريون ڀيرو 1913ع ۾ نول ڪشور پريس لاهور مان شايع ٿيو. 1946ع ۾ ميلارام منگترام واسواڻي جو ٻارن لاءِ ’ٻال مهاڀارت‘ جو سنڌي ترجمو شايع ٿيو، 1955ع ۾ چڪروري راج گوپال آچاريءَ جي انگريزي ۾ لکيل مهاڀارت جو سنڌي ترجمو ٻلديو گاجرا ڪيو، جيڪو هندستان ساهتيہ مالا بمبئي وارن 1955ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 2001ع ۾ امر لوڪ ٽرسٽ، ڪراچيءَ پاران سنڌ ۾ شايع ڪيو ويو آهي.