
پانڌياڻين واري مسجد
پانڌياڻين واري مسجد: هيءَ مسجد نصرپور شھر ۾ پانڌياڻين جي محلي ۾، قاضين جي حويلي جي ڀرسان آهي. هيءَ مسجد پراڻي دؤر جي آهي. هتي ڪتبو لڳل هو، جنهن تي اڏاوت جي تاريخ تحرير ٿيل هئي، جيڪو هاڻي غائب آهي. ان ڪري تعميرات جي سال جي خبر ڪو نہ ٿي پوي. ڪتاب ‘تاريخ نصرپور’ موجب هن مسجد جي تعميرات ۾ پانڌياڻي خاندان ڪم توڙي پئسي خرچ ڪرڻ۾ مڪمل حصو ورتو. هن وقت مسجد جي ٻيهر نئين سر مرمت ڪرائي وئي آهي.