
واهي پانڌي جي تصوير
پانڌي واھي (ماڳ ):ھي ماڳ 250 40\' اتر ويڪرائي ڦاڪ 640 22\' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ موجودہ ڳوٺ پانڌي واھي تعلقي جوھي، ناڙي نئن جي ويجهو ضلعي دادو ۾ آهي. هن دڙي جي ماپ 350 x 450 x 20 گهڻو حصو قبرستان ٿي ويو آھي. هي ڌاتو پاھڻي ۽ آمري ڪلچر جي دؤر جو ماڳ چيو وڃي ٿو. هن ماڳ جي وصف هيءَ آهي تہ ڳاڙھي تي ڪارو ٺڪر جيڪو سنڌو تھذيب جي سڃاڻ آھي ۽ آمريءَ وارو ٻہ رنگو ٺڪر بہ مليو آھي. پٿر مان ٺھيل ھڪ تير جو ڦر جيڪو سنڌ ۾ ٻئي ھنڌان ڪونه مليو آھي. ٽامي جا ڦر جيڪي سنڌ ۾ ٻين ماڳن کان سواءِ موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليا آھن، سي پٿر جي ڦر تان نقل ڪيا ويا ھوندا. پٿر جي ڦرن جي ٺھڻ ۽ ان جي ٻين ھنڌن تي پکيڙ ٻڌائي ٿي تہ ھي اوزار شايد ڏکڻ ايشيا جي ايجاد ھجي، پر سنڌ ۾ ھن جو ملڻ اتفاقي آھي. ان کان سواءِ پٿر جا پتلا، ٺڪر جو کرل، پٿر جا مڻڪا، ٺڪر جا مڻڪا، ٺڪر جون ٽڪيون بہ مليون آھن.