
پانڌي ۽ پروڙ
پانڌي ۽ پروڙ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ليکڪ ادريس عاجز عباسي جو لکيل آهي، جيڪو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل سندس ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ ڪجهہ شاعرن جي شخصيت ۽ ڪجهہ شاعرن جي شاعري جو اڀياس ڪيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي ماهراڻا تنقيدي رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اڳوڻي ڊائريڪٽر الطاف اثيم لکيو آهي. ڪتاب بابت ٻہ اکر ﷲ آءِ سومرو'>حزب ﷲ آءِ سومرو لکيا آهن، ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل پي.ٽي.وي ڪراچيءَ جي ڊائريڪٽر غلام مصطفى سولنگيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل ۾ ڪچي جلد سان هيءُ ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچي پاران جولاءِ 2014ع ۾ ڇپيو. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 90 رپيا آهي.