پاهت: سنڌ ۾ پاهت جو رواج آهي. ڪو به ڪاڄ ٿيندو آهي ته راڄ ڀاڳ وارا، مٽ مائٽ، يار دوست ڏيتي ليتي ڪندا آهن. پاهت کي ”پُوئو“ به ڪوٺين. پاهت مرد به ڏين ته عورتون به. شاديءَ جي ڇني ۾ پاهت ڏيندڙ جو نالو ۽ رقم وغيره لکي ويندي آهي. عورتن ۾ وري ڪا وڏي ساري سنڀالي پاهت وٺي، پئسن جي ڳڻپ ڪري گهوٽيتن کي ڏيندي آهي. پاهت يا پوڻيءَ جو ڀَت گهوٽيتن پاران ٿيندو آهي، پر ڪنهن گهر ۾ صرف ڇوڪريون ئي اولاد هونديون آهن، ته پوءِ ان گهر ۾ ڇوڪرين جي شادين ۾ به پاهت ورتو ويندو آهي. وِهانءَ ۾ ته پاهت وٺبو آهي، پر اڪثر ماڻهو طهر جي موقعي تي به پاهت وٺندا آهن. پاهت ۾ ويجها مائٽ مِٽ ته وَهٽ به ڏين ته روڪ به ڏين، ڪي وري اناج جي جنس ڏين. پاهت جو مقدار يا انداز مقرر ٿيل ناهي، حيثيت مطابق ڏنو ويندو آهي. ان ريت ڪاڄ ڪندڙ جي مالي مدد ٿي پوندي آهي ته ڪاڄ به سُرهو ٿيو پوي. اُتر ۾ پاهت کي ”مبارڪ“ يا ”مبارڪي“ به چون ٿا ۽ ان کي ”پونت“ به چون.