پاٻيڙو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ حيدرآباد بدين روڊ تي ٽنڊي محمد خان ويجهو ڳوٺ کٿڙ ۾واقع آهي. هيءَ ڪلريءَ ڍنڍ سان جهڙوڪر ڳنڍيل آهي. تنهن ڪري ڪي هن کي ڪلري ڍنڍ بہ سڏين ٿا. برساتن جو پاڻي گنجي ٽڪر تان وهي اچي هن ڍنڍ ۾ پوي ٿو ۽ هيءَ ڍنڍ ڀرجي ٿي. هن ڍنڍ ۾ پاڻي مٺو هوندو آهي ۽ هن ۾ پٻڻ بہ جام ٿئي ٿي، تنهن ڪري پاٻيڙو ڍنڍ سڏجي ٿي.