پاٽائي دين محمد مخدوم

پاٽائي، دين محمد، مخدوم: مخدوم دين محمد ولد مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽ شھر ۾ 1113 ھہ ۾ ڄائو. اڳتي هلي هجرت ڪري سيوهڻ ۾ اچي رهيو. جتي شادي بہ ڪيائين. وڏو عالم، بزرگ ۽ فقيھہ هو، جنهنڪري سيوهڻ شھر جو قاضي ۽ مفتي ٿيو. سندس ٻہ فرزند عبدالواحد صديقي ۽ محمد حسن صديقي پنھنجي دور جا وڏا عالم شخص هئا. هن جا نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان دوستاڻا لاڳاپا هئا. هن بزرگ 1192ھہ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو