پاٽائي، شيخ طيب سنڌي: محدث طيب بن يوسف پاٽائي صديقي سنڌي، علم، حديث ۽ تصوف جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ شيخ محدث طاهر سان گڏ پاٽ مان نڪري شھاب الدين واصل وٽ امام غزاليءَ جو تصوف بابت ڪتاب”منهاج العابدين“ پڙهيائين. ان کان پوءِ هيءُ بزرگ سفر ڪري برهانپور ۾ اچي رهيو. شيخ طيب جو تفصيلي احوال تہ نٿو ملي، پر ”تذڪره گلزار ابرار“ مان معلوم ٿئي ٿو تہ هو شيخ طاهر جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گجرات ۽ برار جي سفر ۾ ساڻس گڏ هو. هن بزرگ 950 ھه بمطابق 1543ع ۾ وفات ڪئي.
عيسوي