پاٽائي شھاب الدين سھروردي

پاٽائي، شھاب الدين سھروردي: ميان شھاب الدين سھروردي صديقي، سيوهڻ، پاٽ ۽ برهانپور ۾ رهندڙ صديقي خاندان جو وڏو ڏاڏو هو. هن ئي سڀ کان اڳ پاٽ جو شھر آباد ڪرايو، جنهن کي ”قبلة الاسلام“ چيو ويندو هو. بعد ۾ اهو شھر ڦٽي ويران ٿي ويو ۽ ٻيو نئون شھر آباد ڪرايو ويو. پوئين پاٽ جو بنياد مفتي عبدالواحد ڪبير، مخدوم عبدالواحد ثاني سيوستانيءَ جي ڏاڏي جي زماني ۾ رکيو ويو. شھاب الدين سھروردي صديقيءَ جو تفصيلي احوال معلوم ٿي نہ سگهيو آهي. وفات 894 ھه/ 1489ع ۾ ڪيائين، سندس اولاد هند ۽ سنڌ ۾ علم جي زيور سان آراستہ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو