پاٽائي عبدالواحد ڪبير

پاٽائي، عبدالواحد ڪبير: پاٽائي عبدالواحد ڪبير بن مولانا عبدالرحمان قاري (وفات 1080ھه/ 1669ع) بن محمود سهروردي (وفات 1070ھه/ 1659ع) بن شيخ رمضان شهرالله بن شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي برهانپوري (وفات 1051ھه/1641ع) مفتي عبدالواحد، سيوهاڻي ۽ پاٽائي مخدومن جو ڏاڏو هو، جنهن جو فرزند مخدوم امير محمد سيوهڻ ۾ اچي رهيو ۽ ڪلهوڙا حڪومت ۾ شرعي معاملن جو مشير، مفتي ۽ قاضي هو. مخدوم عبدالواحد ڪبير دهلي سرڪار جي مفتيءَ جي منصب تي فائز هو. ڪجھه وقت پاٽ ۾ رهيو، جتان هن نسل جون ٻه شاخون وجود ۾ آيون. عبدالواحد ڪبير وڏو فقيهه ۽ عالم هو. اورنگزيب جي زماني ۾ پاٽ جي علائقي ۾ قاضي القضات هو ۽ فتوا سندس حوالي هئي. گذر معاش لاءِ ٺٽي جي گورنر مير ابوالڪلام پاران کيس ٻه هزار جريب جاگير ۽ ڪجھه پڪا کوهه پرواني طور مليا، جيڪي پاٽ لڳ ديهه رسول آباد ۾ هئا. مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائيءَ جي تصنيفن مان ”ڪشف الاسرار“ فقهه جو يادگار ڪتاب آهي. هن بزرگ 1123ھه/ 1711ع ۾ پاٽ ۾ وفات ڪئي.


لفظ پاٽائي عبدالواحد ڪبيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو