پاٽائي، محمد طاهر بن يوسف: شيخ طاهر ڏهين صدي هجريءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ پاٽ شھر ۾ ڄائو. محمد طاهر رسمي علم پنھنجي والد شيخ يوسف وٽ ۽ مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ وٽ حاصل ڪيو. 950 ھه/ 1543ع ۾ سنڌ مان گجرات ڏانهن روانو ٿيو ۽ ايرج پور ۾ پهچي شيخ محمد غوث گوالياريءَ (1485- 1563ع) جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايائين. اتان روانو ٿي ڏکڻ هندستان ۾ سير ڪندي ان وقت جي وڏي بزرگ شيخ محمد ملتانيءَ جي ارادت جي حلقي ۾ داخل ٿيو. اتان موٽي اچي ايرج پور ۾ رهيو. جتي مرشد کيس خلافت جو خرقو عطا ڪيو. شيخ طاهر ايرج پور (ايلچ پور) ۾ ماڻهن کي اڪثر درس ڏيندو رهيو ۽ تصوف جي تلقين ڪندو هو.ڪجهه وقت کان پوءِ احمد نگر جو حاڪم مرتضيٰ نظام الملڪ ايرج پور تي ڪاھہ ڪري آيو ۽ ترناله قلعو فتح ڪري ورتائين. ان سبب ملڪ ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ وقت جي حاڪم کيس برهانپور ۾ هلي رهڻ لاءِ چيو، ان بعد شيخ طاهر هميشہ لاءِ اچي برهانپور ۾ رهيو. وقت جي حاڪم علي عادل شاھہ سندس درس ۽ تدريس لاءِ خانقاه تيار ڪرائي، جتي پاڻ ماڻهن کي فيض رسائيندو رهيو. سندس هيٺيان ڪتاب تصنيف ٿيل آهن: (1) ”تفسير مجمع البحار“ طاهري، جيڪو امام قشيريءَ جي ڪتاب اللطائف جي طرز تي آهي ۽ صوفياء ڪرام جي نُڪتن ۽ اشارن تي ٻڌل آهي، (2) مختصر قوت القلوب، (3) انتخاب مواهب لدنيه، (4) ملتقط جمع الجوامع سيوطي، (5) صحيح بخاريءَ جي شرح قسطلانيءَ جو اختصار، جيڪو 12 جلدن تي مشتمل آهي، (6) تفسير مدارڪ جو اختصار، جيڪو پنهنجن ٻن پٽن عبدالله ۽ رحمت ﷲ لاءِ لکيائين، (7) اسامي رجال صحيح بخاري، (8) رياض الصالحين. هن صوفي بزرگ جي وفات 1004ھه بمطابق 1595ع ۾ ٿي.
عيسوي