پاٽائي محمود صديقي

پاٽائي، محمود صديق جي درسگاھہ ”محموديه“: علامہ محمود صديقي جي ولادت ۽ خانداني بزرگي بابت روايتون آهن تہ مغل بادشاهن طرفان پاٽ ۽ سيوهڻ جا قاضي دهليءَ مان سنڌ ۾ موڪليا ويا هئا. علامہ فضل ۽ مولانا حاجي حسن سيوهڻ مان لڏي اچي پاٽ ۾ سڪونت پذير ٿيا. حاجي فضل عارف بالله يگانو عالم هو. سندس صاحبزادو نظام الدين بہ درويش ۽ عالم هو. سندس صاحبزادو نظام الدين بہ درويش ۽ عالم هو، سندس سلسلو شيخ شھاب الدين سھروردي سان ملي ٿو. مولانا محمود جو والد ميان محمد صالح بہ عالم، مفتي ۽ صوفي هو، حضرت عنايت رامپوري جو خليفو هو، علامہ محمود کي مولانا نظام الدين جي گادي تي ويهاريو ويو ۽ اهو فيض سندس خاندان ۾ بيشڪ رهيو. ميان محمود ابتدائي ڪتاب حاجي حسن وٽ پڙهيو، پوءِ ٽونڪ ۾ مولانا حڪيم برڪات احمد وٽ پڙهڻ ويو، اتي ڪافي زمانو رهيو، ان بعد اجمير ۾ مولانا معين الدين وٽ بہ پڙهيو ۽ دستاربندي غالباً حڪيم صاحب وٽ ڪيائين. مولانا عبدالقادر لغاري جي روايت آهي تہ صاحبزادو محمود ڪجهہ وقت پير جهنڊي ۾ بہ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان پڙهندو رهيو، کيس مولانا جي تعليم ڏاڍي پسند آهي، پر مولانا سنڌي ٻين ڪتابن کي ڇڏي رڳو قرآن، موطا ۽ حجت البالغه پڙهائڻ شروع ڪيا، ان ڪري مولانا محمود هليو ويو. معقول ۾ سندس بينظير مهارت هئي، فقھہ، حديث ۽ تفسير ۾ بہ قابل هو. مولانا موصوف جو چوڻ آهي تہ ”طالب علمي ۾ مون کي هي سوداءُ ٿيو تہ ذهن ڪيئن وڌي؟ بلغمي ماڻهو ذهين نہ ٿيندو آهي، بلغم وڌندو آهي، پاڻي پيئڻ سان ۽ پاڻي پيئڻ جي ضرورت ٿيندي آهي، ماني کائڻ سان، انهيءَ ڪري ماني ٿوري کائيندو هوس، پر ان هوندي بہ اڃ تہ ضرور لڳندي هئي، سو برابر ٽي سال پاڻي پيئڻ ڇڏي ڏنم ۽ پاڻي جي بجاءِ چانھہ پيئندوهوس. مولانا محمود دائم المريض هو. سندس غير معمولي قابليت ڪري فارغ التحصيل عالم بہ وٽس پڙهڻ ايندا هئا. مولانا عبدالحڪيم شاهل ستائي تعلقي شڪارپور وارو جيڪو اتر سنڌ جي گهڻن عالمن جو استاد هو، اهو بہ پاٽ ۾ صاحبزاده محمود صاحب وٽ معقول جا ڪجهہ ڪتاب پڙهيو، وٽس سارو نصاب باقاعدي ٻن ڀائرن پڙهيو. مولوي محمد اسماعيل لانگاھہ ۽ مولوي غلام محمد لانگاھہ رتي ديري جا ويٺل هئا. مولانا محمود صاحب يوناني حڪمت جو ماهر هو، صوفي صافي هو، مولانا اشرف علي ٿانوي جو بہ مريد هو، پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ مولانا عنايت رامپوري وٽ ڇھہ مهينا رهيو ۽ اتي ذڪر فڪر ڪري خلافت وٺي آيو. سـنـدس عـربي درسـگاھہ محمـوديه ۾ مولانا دين محمد ’اديب‘ وٽس ’مهديه سعيديه‘ ۽ شرح هدايت الحڪمت خيرآباد پڙهيا، پنھنجي فرزند کي درس نظامي جا سبق بند ڪرائي مولانا اشرف علي جا مواعظ پڙهيائين. چوندو هو تہ ديوبند جي بزرگن جو علم ’ڪاالشمس في نصف النهار‘ (منجهند جي سج جهـڙو) آهـي، آخري عـمـر ۾ فقط مولانا ٿانويءَ جا مواعظ ’التبليغ‘ ۽ ’النور‘ گهرائيندو هو. پاڻ عربي ۽ فارسي جو اديب بہ هو، عربي ۾ شرح مولف مورڪام تي هڪ ڪتاب بہ لکيو اٿس، پنجاھہ ورهين جي ڄمار ۾ آچر ڏينهن 29 جمادي الآخر 1351ھہ / 1932ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو