پاٽائي مخدوم حسن ﷲ صديقي

پاٽائي، مخدوم حسن صديقي: مخدوم حسن پاٽائي ولد وهب صديقي پاٽائي، ننڍپڻ ۾ پنھنجي چاچي مخدوم حاجي فضل وٽ تعليم ورتائين، ان کان پوءِ آخرين ڪتاب مولانا نور محمد ۽ سندس فرزند مولانا گل محمد شهدادڪوٽي وٽ ختم ڪيائين. سندس همعصر ۽ هم درس عالمن ۾ مولوي محمد حسن حيدرآبادي ۽ مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسيني، مولوي عطاءُ فيروز شاهي ۽ ٻيا ڪيترا شامل هئا.مخدوم حسن سموري زندگي درس تدريس ۽ فتويٰ نويسي ۾ گذاري، هن پنھنجي وڏن جي پاٽ ۾ قائم ڪيل مدرسي کي زور شور سان هلايو، جنهن مان ڪيترا شاگرد فائدو حاصل ڪري ويا، هي هڪ وڏو عالم، متڪلم، مناظر ۽ محقق فقيھہ هو. گهڻو ڪري پنھنجي خانداني عالمن جي فتويٰ ۽ راءِ تي هلندو هو. سندس ڏاڏي مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ جي لکيل ’بياض واحدي‘ جي قولن کي ترجيح ڏيندو هو. هندستان جي دارالحرب هئڻ جو قائل هو، تنهنڪري سندس مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسين واري سان زبردست تحريري مناظرا رهيا، جو هو هندستان جي دارالسلام جو قائل هو، اهڙيءَ ريت مولانا عطاءُ فيروز شاهيءَ سان بہ هن جا تحريري بحث جاري رهيا. نوشهري فيروز جي مشھور قاضي محمد عالم اهل حديث سان ۽ مٽيارين جي فقير محمد محدث سان بہ ڪِن مسئلن تي هن جو تحريري رد ڪد هلندو رهيو. هو تحصيل علم توڙي درس تدريس جي سانگي جدا جدا شهرن ۾ بہ رهيو، جن ۾ درٻيلو ۽ مٽياري شامل آهن، جتي وٽانئس هيٺين نامور عالمن فيض حاصل ڪيو: (1) مـولـوي محمـد صديق سـيتـائي، (2) مولوي خير محمد جوڻيجو،(3) مولوي معين الدين سيوستاني، (4) مخدوم بصرالدين سيوهاڻي، (5) مولانا علامہ عمر جتوئي، (6) مولوي سيد شھاب الدين هالاڻيءَ وارو، (7) مخدوم محمد دائود آگرو درٻيلائي، ۽ (8) پيرزادو غلام مجدد مٽياروي. مخدوم حسن ٻہ دفعا حج جو سفر ڪيو ۽ اتي عبدالحق مهاجر الھہ آبادي ۽ ٻين وڏن عالمن سان سندس صحبتون رهيون، حنفي مذهب جو پيروڪار هو، مئل بزرگن کان مدد وٺڻ جو قائل هو، آخر ظھر جي مسئلي تي تمام زور هوس ۽ ان بابت سندس مستقل رسالا لکيل آهن، جن مان هڪ رسالي جو جواب سيد محمد رشد جهنڊي واري لکيو آهي. 1326ھہ/1908ع ۾ مولانا دين محمد وفائي کي مخدوم صاحب جي زيارت جو پهريون دفعو مدرسہ دارالفيض ڳوٺ سونو جتوئي ۾ شرف حاصل ٿيو. غلام محمد جتوئي مخدوم صاحب جو شاگرد رشيد هو ۽ وٽس گهڻو ڪري اچي رهندو هو ۽ سندس استاد صاحب جي عظيم الشان ڪتب خاني مان ڪيترن فقهي مسئلن جي اچي تحقيق ڪندو هو.1911ع ۾ ڪراچي مان مولوي عبدالڪريم درس جي ذريعي حضور اڪرم صلي عليہ وسلم جي علم غيب جي مسئلي جو هڪ زبردست طوفان کـڙو ٿيـو، جـنـهن ۾ سـنـڌ جا عـلـماءَ ٻن حـصـن ۾ ورهـائجـي ويـا. دارالـرشاد پير جهنڊي ۽ مدرسي مظهر العلوم کڏي ڪراچيءَ جا عالم هن ڳالھہ جا قائل هئا تہ حضور صلي عليہ وسلم جن کي ايتري ڄاڻ آهي، جيترو تعاليٰ شريعت ۽ مخلوق جي هدايت لاءِ کين سمجهايو هو، پر مولوي درس ۽ ٻيا گهڻا عالم چئي رهيا هئا تہ حضور صلي عليہ وسلم جن کي ڪلي جزي ۽ ماڪان و مايڪون (جيڪي ٿيو آهي ۽ جو ڪجهہ آئيندي ٿيندو) تنهن سڀ جي ڄاڻ آهي. علامہ سيد اسد شاھہ ٽکڙائي بہ درس پارٽي سان شامل هو، پير حاجي غلام مجدد متعلوي جي استدعا تي مخدوم حسن الله، مدرسہ سوني جتوئي ۽ مولانا دين محمد وفائي جي موجودگيءَ ۾ انهيءَ سوال تي هڪ رسالو لکيو، جنهن جو نالو ’نور العينين في اثبات علم الغيب السيد الثقلين‘رکيو ويو، انهيءَ کي درس پارٽي جي علمائن ڏاڍو پسند ڪيو. ان کان پـوءِ سـتـت ئـي قـاضـي هـدايـت مـتـعـلـوي جـي ڪـتـاب’ڪواڪب السعادت‘ تي جهڳڙو پيدا ٿيو، جنهن ۾ ان صاحب ڪي گٿا گفتا استعمال ڪيا هئا، انهي رسالي جي رد ۾ حاجي احمد بن فضل محمد علوي ابڙي ’تحفة اولي الالباب في الرد علي طاعن الاصحاب‘ لکيو، جيڪو ڪراچيءَ مان شايع ٿيو، اهو رسالو بہ ڳوٺ سوني جتوئي ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي حوالن مان لکيو ويو. مخدوم صاحب ڏاڍو تکو لکندڙ هو ۽ ڪنهن بہ سوال تي جيستائين متقدمين مان ڪو تائيدي حوالو نہ ملندو هوس تيستائين اڳتي نہ وڌندو هو، نقش بندي طريقي جا ذڪر اذڪار بہ جاري هئا تہ ’دلائل الخيرات‘،’قرآن شريف ورد‘ ۽ ’قصيده برده‘ بہ روزانو پڙهندو هو، گهڻو ڪري نماز ۾ پيش امام نہ ٿيندو هو، پنھنجي ڪنهن شاگرد جي پويان نماز پڙهندو هو. مدرسہ دارالفيوض سوني جتوئي ۾ مولانا دين محمد وفائي جي دستاربندي وقت اتي موجود هو ۽ کيس پنھنجي هٿن سان دستاربندي ڪرايائين، هن سال 1339ھہ/1920ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو