پاٽائي، مخدوم عباس: مخدوم عباس پاٽائي بن جلال صديقي پاٽائي، پاٽ شھر ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين، پر بعد ۾ ڪن سببن جي ڪري 947 ھہ/ 1540ع ۾ پاٽ مان هجرت ڪري هنڱورجا ۾ اچي رهڻ لڳو (جنهنڪري تاريخ جي ڪتابن ۾ کيس مخدوم عباس هنڱورجو لکيو ويو آهي). سڄي عمر تعليم ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيائين ۽ ڪيترا وڏا عالم وٽس پڙهيا، حڪيم عثمان بوبڪائي ۽ قاضي عبدالسلام برهانپوري سندس شاگردن مان هئا، قاضي عبدالسلام جو چوڻ هو تہ: ”دين، ديانت، دانش، بينش، حليميت ۽ محبت اهي سڀ اوصاف مخدوم صاحب جي سرشت ۾ شامل هئا، ننڍي هوندي کان وٺي وفات تائين ڪڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪجهہ طلب نہ ڪيائين“. مير معصوم بکري تاريخ معصوميءَ ۾ لکي ٿو تہ: ”مخدوم عباس پاٽائي تفسير، حديث، فقھ ۽ ٻين علمن ۾ وڏي اهليت رکندڙ هو، هر هڪ مسئلي تي تمام سھڻي نموني تحقيق ٿيل هئس، زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هن جهڙو ڪو ٻيو نہ هو، رات ڏينهن عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو، حديث بيان ڪندي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئس، هن عالم 96 سالن جي عمر ۾ 14 شعبان 998ھہ/ 8 جون 1590ع ۾ وفات ڪئي.
عيسوي