پاٽائي مخدوم عبدالواحد جي نالي عالمگير جو فرمان

پاٽائي مخدوم عبدالواحد جي نالي عالمگير جو فرمان

پاٽائي مخدوم عبدالواحد جي نالي عالمگير جو فرمان

پاٽائي مخدوم عبدالواحد جي نالي عالمگير جو فرمان

پاٽائي مخدوم عبدالواحد جي نالي عالمگير جو فرمان

پاٽائي مخدوم عبدالواحد جي نالي عالمگير جو فرمان: اورنگزيب عالمگير بادشاھہ طرفان هيءُ فرمان مخدوم عبدالواحد صديقي نالي لکيل آهي. اورنگزيب عالمگير مخدوم مسيح الاولياء جي بلند و بالا روحاني عظمت جي پيش نظر سندس عقيدتمندن مان هو. مختلف حڪمرانن طرفان برهانپور ۾ مقيم هن متبرڪ ’سنڌي‘ خانوادي جي اولاد کي جاگيرون مـلـنـديون رهـيـون. جڏهن سنڌ مان مخدوم عبدالواحد ڪبير (1047-1123ھہ) جي عالمگير سان ملاقات ٿي تہ اورنگزيب هن بزرگ شخصيت کي نہ صرف سيوستان (سيوهڻ) جو قاضي القضاة مقرر ڪيو، بلڪہ کيس معاشي خوشحالي لاءِ جاگير جو پروانو بہ عطا ڪيو، جنهن ۾ شيخ عيسيٰ جند پاٽائي جي اولاد جي حوالي سان سندس روحاني ڪمالات ۽ علمي فضيلت جو بہ اعتراف ڪيو ويو آهي.
اورنگزيب عالمگير طرفان مخدوم عبدالواحد ڪبير کي ڏنل فرمان جي اصل فارسي متن تان انگريزيءَ ۾ ترجمو سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ڪيو، ان اشاعت جو اصل بہ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند ۽ مخدوم عبدالواحد ڪبير جي اولاد مان مخدوم سليم صديقيءَ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترجمي سان گڏ مير محمد حسين علي خان ٽالپر، امام علي قاضي اسپيشل مئجسٽريٽ حيدرآباد ۽ مير حاجي نور محمد خان ٽالپر جا تصديقي نوٽ بہ موجود آهن.ان کانسواءِ ان دؤر جي ڪراچيءَ جي اهم شخصيت مير ايوب خان بئريسٽر جو نوٽ بہ هن سلسلي جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. اصل ”سنڌ گزيٽ“ جي عڪس سان گڏ پڙهندڙن لاءِ ان جو سنڌي ترجمو بہ شايع ڪري رهيا آهيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو