پاٽائي مخدوم فضل ﷲ

پاٽائي مخدوم فضل : مخدوم فضل سيوهڻ جي صديقي خاندان مان هڪ وڏو عالم ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي. سيوهڻ کان لڏي پاٽ ۾ اچي رهيو ۽ تدريس جي عمل ۾ مشغول ٿيو، پاٽ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ ڪري پاٽائي مشھور ٿيو. ابتدائي تعليم مخدوم محمد عارف سيوهاڻي ۽ عبدالواحد سيوهاڻي کان سيوهڻ ۾ حاصل ڪيائين، طريقت ۽ خلافت جو خرقو مخدوم محمد يوسف کنيارويءَ کان حاصل ڪيائين. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جو وڏو خليفو هو.مخدوم فضل هڪ وڏو عالم ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو، مخدوم سندس مختلف تحريرن جا مسودا سنڌ جي مختلف قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهن، مخدوم فضل جي تصنيفن مان ’اصلاح المصلح‘، (فارسي ڪتاب) گهڻي شھرت ماڻي، هن وڏي فقيھہ ۽ محدث 1290ھہ/1873ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو