پاٽائي، مخدوم فضل ﷲ جي پاٽ واري درسگاھہ: مخدوم فضل ﷲ سيوهڻ جي صديقي خاندان جو هڪ وڏو عالم ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي. هيءُ خاندان اصل ۾ پاٽ جو ئي آهي ۽ مخدوم عبدالواحد ڪبير جو اولاد آهي. مخدوم فضل ﷲ پاٽ ۾ اچي درسگاھہ قائم ڪئي ۽ اتي سڪونت اختيار ڪرڻ ڪري پاٽائي مشھور ٿيو. هن بزرگ ڳوٺ کنياري (ضلعو نوابشاھہ) جي مخدوم محمد يوسف کان پنھنجي علم جي تڪميل ڪئي ۽ ان کان ئي طريقت ۾ بيعت وٺي خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي مڏئي واري جو وڏو خليفو هو، مخدوم فضل ﷲ فارسي جو وڏو شاعر هو. کياري مسجد جي تعمير جي تاريخ سندس چيل آهي. پنھنجي مرشد ۽ استاد مخدوم محمد يوسف جي وفات تي پڻ گهڻا مادہ تاريخ لکيا اٿس. مخدوم فضل ﷲ هڪ وڏو فقيھہ ۽ مدرس پڻ هو، سندس شاگردن مان مخدوم قاضي شفيع محمد صديقي پاٽائي جو نالو قابل ذڪر آهي، جيڪو پڻ هڪ وڏو فقيھہ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. مخدوم فضل ﷲ 1290ھہ/1873ع ۾ وفات ڪئي.
عيسوي