پاٽولي

پاٽولي: پَٽ يا ريشم جو واپار يا ڪم ڪندڙ هڪ ذات جو نالو. هن ذات جا ماڻهو اڪثر ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد ۽ روهڙيءَ ۾ موجود آهن. پاٽولين جا مشھور پاڙا يوسفاڻي، هاشماڻي، يعقوباڻي، بچاڻي وغيرہ آهن. پاٽولين ۾ ڪيتريون مشھور شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن ۾ محمد محسن پاٽولي نامور اديب فضل احمد بچاڻي، ٻارن جو ليکڪ اياز پاٽولي، ناميارو سياستدان عبدالستار بچاڻي (اڳوڻو ايم. اين. اي) ۽ سندس گهر واري شمشاد بچاڻي (موجودہ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر)، سھيل اديب بچاڻي (آفيسر) ۽ مشھور صحافي شڪيل بچاڻي ۽ ٻيا شامل آهن.


لفظ پاٽوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو