پاٽ وارو قلعو

پاٽ وارو قلعو: هيءُ قلعو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي تعمير ڪرايو، جنهن جا هينئر فقط نشان وڃي بچيا آهن. پاٽ وڏي زماني کان واپاري لحاظ کان سنڌ جو اهم شھر رهندو پئي آيو آهي. هڪ خيال آهي تہ شھر جي حفاظتي خيال کان تعمير ڪرايو ويو هو. قلعي لاءِ اهي بہ روايتون ملن ٿيون تہ هي قلعو ميان نصير محمد ڪلهوڙي کان اڳ موجود هو ۽ نصير ڪلهوڙي هن جي مرمت ڪرائي، ان کي پنھنجي استعمال هيٺ آندو هو. جيئن سنڌ جي اڪثر قديمي ماڳن لاوارثي ۽ حفاظت نہ هئڻ سبب پنھنجي حيثيت ۽ حُسن وڃايو آهي، ان ريت هيءُ قلعو بہ صفحه هستيءَ تان مٽجندي فقط نشانن جي صورت ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو